تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

What is Attention Deficit and Hyperactivity Disorder? گهٽ ڌيان ۽ حرڪت جي بيماري……..ڊاڪٽر هريش ٿارواڻي

اي ڊي ايچ ڊي ٻارڙن ۾ ڏٺي ويندڙ عام بيماري آهي، اها گهڻو ڪري 6 کان 12 سالن جي عمر ۾ شروع ٿئي ٿي. ڌيان (Attention) جو مطلب اهو آهي ته ٻار ڪنهن ڳالهه تي توجهه ڏيئي سگهي ۽ ڄاڻ کي پروڙي سگهي. هائپر ايڪٽوٽي ۾ ٻار بي آرام هوندو آهي، کيس هڪ هنڌ آرام نه ايندو آهي، Impulsivity ۾ ٻار بنا ڪجهه سوچڻ جي ڳالهيون ڪندو ۽ چوندو رهندو آهي. اٽينشن ڊيفيسٽ هائيپرايڪٽوٽي ڊس آرڊر جا ڪل 3 قسم آهن:
اي ڊي ايچ ڊي – ان اٽينٽيٽِو

هن قسم جي صورتحال ۾ ٻار پنهنجي اسڪول يا گهر جي ڪم تي ڌيان لڳائي نه سگهندو آهي. هن کي اڪثر ڪري شيون وسري وينديون آهن، (جيئن، بوٽ، ڪپڙا، ڪتاب، قلم، پينسل وغيره). اهڙو ٻار والدين يا استادن کي نه ٻڌندو آهي ته اهي ڇا پيا چون، اڪثر ڪري امتحانن/ٽيسٽن ۾ ناڪام ٿيندو آهي. ان دوران هو ڀلي گهڻي ڪوشش به ڪري پر سکي نه سگهندو آهي. هو پاڻ اظهاري نه سگهندو آهي، جيڪو والدين توڙي استادن لاءِ پريشان ڪندڙ هوندو آهي. ڪي ٻار اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ويندا آهن، پر نوڪري يا ڪم ۾ پريشانين کي منهن ڏيندا آهن.
Hyperactive/impulsive type

هن ڪيفيت ۾ شاگرد متحرڪ، بي آرام هوندو آهي ۽ پوءِ ڀلي کڻي استاد يا والدين کيس ويهڻ جو چون، پر هو حرڪت ڪندو رهندو آهي. جڏهن ته هو بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي ڳالهيون ڪندو ۽ چوندو رهندو آهي، اهو استادن ۽ والدين جو احترام ڪرڻ بدران کين پريشان ڪندو رهندو آهي. ايستائين جو اهڙا ٻار ٻين ٻارن کي جسماني ۽ جذباتي طور نقصان به پهچائيندا آهن.

ADHD- Combined type

هن قسم جي ڪيفيت ۾ مريض کي ٻئي گهٽ ڌيان ۽ هائپر ايڪٽوٽي جا مسئلا درپيش هوندا آهن. ٻي ڳالهه تي هي ڊس آرڊر اڪيلو نه هوندو آهي، ان سان گڏ اڪثر ڪري باءِ پولر ڊس آرڊر (مينيئڪ ڊپريسوِ ڊس آرڊر) جي به ظاهر ٿي پوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو علاج به مشڪل بڻجي ويندو آهي. ڪيترائي مريض اهڙا به آهن جن کي Oppositional defiant disorder (ODD) ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن ته Conduct disorder (جنهن ۾ ماڻهو سماجي طور طريقن تحت نه هلندا آهن)، OCD (obsessive compulsive disorder) ۽spectrum disorder) ASD (Autism جو به شڪار ٿي ويند آهن.
متاثر ڪير ٿيندو آهي؟

هي هڪ جينياتي ڊس آرڊر يا بيماري آهي، هڪ تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته 75 سيڪڙو مريضن کي جينياتي رسڪ هوندو آهي. جڏهن ته هي بيماري گهڻو ڪري 6 کان 12 سالن جي عمر تائين ظاهر ٿيندي آهي، 50 سيڪڙو ماڻهو بالغ بڻجڻ بعد ان جو شڪار بڻبا آهن. هڪ اندازي مطابق انساني آبادي جو 50 سيڪڙو ان بيماري کي منهن ڏيئي رهيو آهي، پر انهن مان اڪثر کي خبر ئي نه پئجي سگهي آهي ته انهن سان مسئلو ڪهڙو آهي، علاج ته پري جي ڳالهه آهي. نتيجي ۾ انهن کي اسڪول ۾ ناڪامي، سماجي، قانوني مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بي ڌياني/گهٽ توجهه، حرڪتي مزاج ۽ بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪجهه چئي يا ڪري ڇڏڻ واري عادتن جي ڪري زندگيءَ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته مريض کي ان وقت تائين خبر نه پوندي آهي، جيستائين هو ڪنهن سٺي ۽ ماهر سائيڪاٽرسٽ کي نٿو ڏيکاري. هڪ تحقيق مطابق لڳ ڀڳ 50 ڪروڙ ماڻهو ان قسم جي ڊس آرڊر/بيماري مان گذرن ٿا. جيڪڏهن انهن جي مرض جي صحيح سڃاڻپ ٿئي ۽ اثرائتو علاج ڪرايو وڃي ته نه فقط مريض پر ان جي والدين، دوستن، ساٿي ورڪرن ۽ ڪميونٽي تي به وڏو فرق پئجي سگهي ٿو. هي بيماري ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن ۾ وڌيڪ آهي. علاج دوران هڪ ڀاڱي 3 مريض چاڪ ٿي ويندا آهن، جڏهن ته هڪ ڀاڱي 3 ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي آهي، ساڳئي وقت هڪ ڀاڱي 3 جي طبعيت ويتر خراب ٿي ويندي آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مرض جي صحيح سڃاڻپ ٿئي، ان کانپوءِ مريض ۽ سندس والدين کي ان بابت آگاهي ڏني وڃي. باءِ پولر ڊس آرڊر ۾ ڪڏهن ڪڏهن قائدن جي ابتڙ به شيون ٿي پونديون آهن. هڪ ريسرچ مطابق اي ڊي ايچ ڊي جا 50سيڪڙو مريض ڪو-موربڊ باءِ پولر ڊس آرڊر جو شڪار هوندا آهن، جن کي صحيح علاج جي ضرورت پوندي آهي. ان بيماري ۾ نڪوٽين (سگريٽ)، چانهه، ڪافي، ڀنگ، چرس يا الڪوحل (شراب) جو گهڻو استعمال تمام خراب آهي. او ڊي ڊي/ڪنڊڪٽ ڊس آرڊر ۽ آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جو ڪائونسلنگ، ٿراپي، بهيويئر موڊيفڪيشن ذريعي علاج ڪري سگهجي ٿو.
علاج ڇا آهي؟

ڪنهن هڪ ٿيراپي بدران ڳالهه ٻولهه واري ٿيراپي ۽ موڊيفڪيشن ٿيراپي ڪارائتيون ثابت ٿينديون. اي ڊي ايچ ڊي جي علاج بابت گذريل 25 سالن ۾ تمام گهڻي ريسرچ ڪئي وئي آهي، ڳالهه ٻولهه واري ٿيراپي ڪنهن ٻار جي استادن، والدين يا ساٿي ٻارن ڏانهن مداخلت، غير احترام ۽ بدتميزي واري رويي کي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.
جڏهن ته علاج جا 2 قسم آهن، جن ۾ هڪ سائيڪو اسٽيميوليشن Psycho- stimulations ۽ نان سائيڪو اسٽيميوليشن Non- psycho stimulations، انھن مان پھريون قسم بيحد اثرائتو ۽ محفوظ آهي، تڪڙا نتيجا ڏئي ٿو، جڏهن ته نان سائيڪو اسٽيميوليشن ايترو تڪڙا نتيجا ڏيندڙ نه آهي، پر اهو به محفوظ طريقو آهي. عام طور تي 1، methylphenidate، 2 dexmethylphenidate، 3 amphetamine، 4 dextroamphetamine، 5 lisdexamfetamine شامل آهن. جڏهن ته انهن مان ڪيتريون ئي دوائون مختصر مدي لاءِ ته ڪي ڊگهي مدي لاءِ اثر ڏياريندڙ آهن، انهن جا بک نه لڳڻ يا گهٽ لڳڻ، وزن گهٽجڻ، دل جي ڌڙڪن ۾ تبديليون وغيره عام سائيڊ افيڪٽ آهن. پر ياد رکڻ گهرجي ته اهي دوائون نشو ڏياريندڙ/ عادت بڻجي ويندڙ آهن، ان ڪري اهڙيون دوائون سوچي سمجهي لکيون وينديون آهن.
نان سائيڪو اسٽيميوليشنس ۾ Atomoxetine، guanfacine ۽ Clonidine شامل آهن.
جيتوڻيڪ، اهي دوائون نشي آور نه آهن پر انهن جو اثر دير سان ٿيندو آهي، هن جا سائيڊ افڪيٽس پريشاني، جلد متحرڪ ٿي وڃڻ، بلڊ پريشر گهٽجڻ وغيره آهن.
جيڪڏهن مريض کي هڪ دوا مان فائدو نه ٿئي ته ان کي 2 دوائون ڏنيون وينديون آهن، ته جيئن انهن سان درپيش بي ڌياني ۽ هائيپر ايڪٽوٽي واري مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي، انهن مريضن کي هر مهيني ڊاڪٽر ڏيکاريو ويندو آهي ته جيئن انهن جي سائيڊ افيڪٽس ۽ نشي/عادت تي نظر رکي سگهجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *