تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

What is antisocial personality disorder? سماج جي قدرن جي ابتڙ لاڙي واري شخصيت …..ڊاڪٽر هريش ٿارواڻي

اينٽي سوشل پرسنلٽي ڊس آرڊر (ASPD) جو مقصد اهو ناهي ته ماڻهو سماج سان ڳنڍجڻ نه چاهيندا هجن، پر اهي سماجي قدرن، قاعدن، رسمن ۽ رواجن تحت هلڻ نه چاهيندا آهن (جيڪي ماڻهو سماج کان الڳ ٿي رهندا آهن اهي سوشل اينگزائٽي ڊس آرڊر يا اوائڊنٽ پرسنلٽي ڊس آرڊر جو شڪار هوندا آهن. ان تي منهنجي وڊيو اموشنل هيلٿ ان سنڌ ڏسي سگهجي ٿي)
هي ڊس آرڊر (بيماري) لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائڻ، ماڻهن کي دوکو ڏيڻ، احتجاج ۽ جارحاڻو رويو اختيار ڪرڻ (جسماني توڻي جذباتي) استحصال ۽ ان جو ڪوبه پڇتاءُ، شرم يا احساس گناهه ٿيڻ. انهن کي خبر ئي نه پوندي آهي ته اهي پنهنجي خاندان، دوستن، ساٿين وغيره کي جذباتي طور ڪيترو متاثر ڪري رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته اهي پنهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهن سان پنهنجي اهڙن روين ۽ عملن ۾ مزو ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن. نتيجي ۾ دوستن، گهرڀاتين ۽ ساٿين لاءِ تمام گهڻيون پريشانيون پيش اينديون آهن. اهڙي قسم جي بيماريءَ جو شڪار ماڻهو اڪثر ٻين ماڻهن جي سوچن، روين ڪردار، اصولن ۽ مذهب وغيره کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو نوجوان، معصوم ۽ اڻواقف ڇوڪرين کي پاڻ سان يا پنهنجي اولاد سان پرڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو اسان جي سماج جو هڪ عام ڏوهه آهي جيڪو هتان جي تعليم يافته ماڻهن، ڏاهن ۽ دانشورن کي نظر نٿو اچي.
اهڙا ماڻهن ان قسم جي رويي ۽ سوچ ۾ خوش هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي پريشاني ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ ورتل هوندا آهن، انهن کي ان جي ڄاڻ به نه هوندي آهي. امير ماڻهو اهڙي زندگي گذاريندا آهن جنهن جي ڪنهن کي خبر به نه پوندي آهي پر اهڙا غريب ماڻهو اڪثر جيلن ۾ وڃي پهچندا آهن.
اي ايس پي ڊي جا ڪيترائي قسم آهي پر انهن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور قسم سائيڪوپيٿي (Psycho-pathy) آهي. سائيڪو پاٿ اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي ٻين انسانن جو احساس ۽ ساڻن ڪابه همدردي نه هوندي آهي. اهي ماڻهن کي ماري، زخمي ڪري يا ٻيو نقصان پهچائي به سگهن ٿا. اهي حقيقت پسند نه هوندا آهن ۽ هميشه انوکا ۽ جنوني نظر ايندا آهن.
متاثر ڪير آهي؟
جن ماڻهن جو ننڍپڻ سخت قسم جو رهيو هجي، ساڳئي وقت خراب جين، ڪئميڪلز ۽ هارمونس جو به وڏو ڪردار هوندو آهي، يا اهي اهڙي پاڙي، ماحول ۽ برادري ۾ پليا هوندا آهن. امير توڙي غريب ٻئي متاثر ٿي سگهن ٿا، پر هن قسم جي بيماري عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ وڌيڪ آهي. 3 کان 5 سيڪڙو ماڻهو ان قسم جي بيماري جو شڪار هوندا آهن. غربت به هڪ وڏو عنصر آهي پر هر طبقي، رنگ نسل، قوميت ۽ ملڪ جا ماڻهو ان بيماري جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هن قسم جي بيماري گهڻو ڪري ننڍپڻ کان ئي شروع ٿيندي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ شديد ٿي ويندي آهي. ٻارن ۾ اي ايس پي ڊي جي پهرين نشاني اها آهي ته اهي “ڪنڊڪٽ ڊس آرڊر” جو شڪار ٿي ويندا آهن. اهڙا ٻار جانورن تي ظلم ڪندا آهن، اسڪولي يا پاڙي جي ٻارڙن، ڀينرن ۽ ڀائرن کي مارڪٽ ڪندا آهن، اهي والدين، استادن ۽ برادري جي ٻين فردن سان بدتميزي سان پيش ايندا آهن.
علاج ڇا آهي؟
پرسنلٽي ڊس آرڊر جو علاج تمام ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اها غمگيني، ڊپريشن ۽ باءِ پولر ڊس آرڊر جيان ڪا علامت نه پر روين جي بيماري آهي. اها ديرپا بيماري ننڍپڻ کان ئي شروع ٿيندي آهي (جيڪي ماڻهو هن بيماري مان گذرندا آهن انهن کي لڳندو آهي ته اهي نارمل آهن ۽ باقي ٻيا سڀ ائبنارمل، نابالغ ۽ سادڙا آهن).
پرسنلٽي ڊس آرڊر جو مک علاج سائيڪو ٿراپي آهي، جيڪڏهن علامتن وارو ڊس آرڊر آهي ته ان لاءِ فارماڪو ٿراپي ڪئي ويندي آهي. سائيڪو ٿراپي جا به ڪيترائي قسم آهن جهڙوڪ، سپورٽوِ سائيڪو ٿراپي، سائيڪو انالائسس، سائيڪو ڊائنامڪ ٿراپي، ڪاگنيٽو بيهيويئر ٿراپي، ڊائليڪٽيڪل بيهيويئر ٿراپي، (ڊي بي ٽي)، انٽرپرسنل سائيڪو ٿراپي، (آءِ پي ٽي) ۽ مينٽلائيزيشن ٿراپي مک آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ، غمگيني، موڊ تبديل ٿيڻ، نامعقول سوچ ۽ رويي لاءِ دوائون به تجويز ڪيون وينديون آهن.
هيٺ ڄاڻايل ڪجهه ڳالهيون بهترين شخصيت، پائيدار رشتن ۽ سماج ۾ ڪامياب فرد طور زندگي گذارڻ لاءِ لازمي آهن.
1- اندر ۾ جهاتي پائڻ: (مطلب ته مون سان ڪو مسئلو وغيره آهي. 2- صحيح فيصلو ڪرڻ (ڊاڪٽر جي تجويزن تي عمل ڪرڻ). 3- تبديل ٿيڻ جي خواهش. 4- سائيڪالاجيڪل ذهنيت (لڪل ڳالهين کي سمجهڻ). 5- بهتر ادراڪ (توجهه، ڳالهه ٻولهه يا لهه وچڙ ۽ ياداشت) 6- پابندي (مطلب ته مستقل مزاجي سان ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ). 7- غمگيني، فرسٽريشن وغيره کي برداشت ڪرڻ. 8- منشيات وغيره جو واهپو نه ڪرڻ. 9- بهتر تعليم ۽ سهڪاري رويو. 10- سائڪوسس مان نجات (حقيقت جي ويجهو رهڻ).

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *