تازا ترين
  • *ڪلوئي ۾ عورت پاران اوباش ماڻهن جي مبينا تنگ ڪرڻ سبب آپگهات ڪرڻ وارو مامرو *ايس ايس پي ٿرپارڪر آپگهات بابت ٽائيم نيوز جي خبر جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران عورت جي آپگهات کان اڳ ٿاڻي تي ڏنل درخواست تي انڪوائري جو حڪم*
  • *ڪراچي: 2014ع ۾ اغوا بعد قتل ٿيل15ورهين جي نينگري جو پيءُ انصاف لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور *ڌيءُ کي ڀتو نه ڏيڻ تي نرسري وٽان اغوا ڪيو ويو، ساڳئي ڏينهن بلاول هائوس سامهون لاش مليو: اشتياق حسين *پوليس ابراهيم عرف گلو ۽ احمد مکي کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو: پيءُ *شاهد جج جي سامهون جوابدار احمد مکي کي سڃاتو: پيءُ *جوابدار احمد مکي ضمانت تي آزاد ۽ ابراهيم عرف گلو اڃا تائين مفرور آهي: پيءُ *ڌيءُ جي اغوا ۾ پوليس اهلڪار راجا عارف، عزير قريشي، فيضان شيرازي به ملوث آهن: الزام*
  • *چارسده ۾ اڍائي ورهين جي زينب جي اغوا، جنسي زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ٻيهر عدالت ۾ پيش *جوابدار لعل محمد کي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *جوابدار لعل محمد ذهني معذور آهي،سندس ڳالهيون عام ماڻهو نٿا سمجهي سگهن: پوليس *پوليس عدالت ۾ جوابدار جي ترجماني لاءِ خصوصي ماڻهن جي استادن کي به پيش ڪيو *جوابدار جي هڪ هڪ ڳالهه سمجهڻ ۽ قلمبند ڪرڻ لاءِ ترجمان جون خدمتون حاصل ڪيون *عدالت جوابدار کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 31آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪيو ويندو: پوليس ذريعا*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو چاچڙ ۽ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڪچي جي ڪارڻا پتڻ واري علائقي ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب علي سبزوئي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آغا سراج دراني جي گهرڀاتين ۽ ٻين جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي *جج جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي *آغا سراج دراني تي هڪ ارب کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي *درخواستگذارن ۾ آغا سراج جي گهرواري ناهيد دراني ۽ پٽ شهباز شامل آهي *سراج دراني جون ٽي ڌيئرون سونيا دراني، سارا دراني ۽ شاهانا سميت ٻيا جوابدار به شامل *گذريل حڪم نامي جي سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي*
  • *مبارڪپور ويجهو بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، 5 ڄڻا رتورت *ڳوٺ شاهنواز بروهي ۾ جهيڙي دوران قاسم، حضور بخش، لال بخش، دين محمد بروهي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا*
  • *لاڙڪاڻي ۾ رهواسين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *عظيم شاهه محلي جي رهواسين ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، روڊ بلاڪ *مختلف ٿاڻن جي پوليس بناجواز گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي: مظاهرين *پوليس پاران گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڦرلٽ به ڪئي وئي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي: مظاهرين*
  • *راڻيپور ويجهو قومي شاهراهه تي حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو *ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽر سائيڪل سوار 60ورهين جي امتياز سومرو گمس اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *جوهي ۽ ڀرپاسي مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت پاڻي مان جهاڳي قبرستان پهچائڻ تي مجبور *ڳوٺ غلام رسول لغاري ۾ ڳوٺاڻي جي ميت ٻن ڪلوميٽرن تائين بيٺل پاڻي مان جهاڳي قبرستان آندي وئي *جوهي: ٻن فوٽن تائين پاڻي بيٺل هجڻ سبب ميت پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *سکر ۾ ڪنڌڪوٽ واسي پاران نوڪري مان ڪڍڻ خلاف ٻارڙن سميت علامتي بک هڙتال *سکر: آءِ بي اي ڪنڌڪوٽ ۾ سوئيپر طور ڀرتي ٿيس، ٻن مهينن کانپوءِ نيڪالي ڏني وئي: شهزادو شيخ *سکر: ٻه نياڻيون بيمارين سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهن، نوڪري تي بحال ڪيو وڃي: شهزادو شيخ*
  • *لاهور: حڪومت ڪيس بدنيتي جي بنياد تي ٺاهيا آهن: ڪيپٽن (ر) صفدر *حڪومت اپوزيشن مٿان دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن: ڪيپٽن (ر) صفدر *اسان جي قائد جو نعرو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو: ڪيپٽن (ر) صفدر *راڻا ثناءُ الله تي ڪوڙو منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيپٽن (ر) صفدر *حيات آباد ۾ منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو آهي: ڪيپٽن (ر) صفدر *سي سي پي او لاهور وزيراعطم عمران خان جي ٽيم جو حصو آهي: ڪيپٽن (ر) صفدر*
  • *ٺل ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا لاپتا ٿي ويل نوجوان گهر پهچي ويو *حفيظ ڀنگر جي گهر پهچڻ تي سندس گهرڀاتين ۾ خوشي جي لهر پکڙيل*
  • *سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف قاضي احمد ۾ ايس يو پي طرفان احتجاجي مظاهرو *سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي *وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري شھر اڏڻ وارو عمل خودمختياري تي وار آهي: اڳواڻ*
  • *سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا *حيدرآباد، قاضي احمد، وارهه، ٺل، موهن جو دڙو ۽ ٻين شهرن ۾ مختلف جماعتن پاران احتجاج ڪيو ويو*
  • *ٺري ميرواهه ويجهو فوتي جو لاش دفنائڻ دوران پلاٽ جي مالڪي تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو *ڳوٺ محمد سليم شر ۾ جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب 4 ڄڻا رتورت، اسپتال منتقل *پوليس اطلاع ملڻ تي جهيڙي واري هنڌ رواني ٿي وئي*

12:00PM Time News Headlines | 17 Oct 2020 | Time News