تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ادارن جي سڌاري تائين
عوام ڀوڳيندو رهندو!
پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جيڪو ڪنهن دور ۾ دنيا جو ڪامياب ترين اداري طور سڃاتو ويندو هو، جنهن ڪيترن ئي ملڪن جي ايئرپورٽن ۽ انهن جي عملي کي سکيا ڏني، اڄ اهو ادارو پوئتي پيل ادارن ۾ ڳڻجي ٿو، پاڪستان جي سمورن وڏن ڪرپٽ ادارن مان پي آءِ پي پڻ هڪ آهي، اڌ کان وڌيڪ پائليٽس جون ڊگريو جعلي، انتها جي ڪرپشن، ناڪارا فلائيٽ آپريش، جهازن جي زبون حالي ۽ ٻيا ڪارڻ ان جي تباهيءَ جا ذميوار رهيا آهن، جهاز حادثن ۾ پڻ بدقسمت رهيو ۽ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 15 جهاز حادثن ۾ ڪيتريون انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون آهن، پي آءِ اي وٽ موجود جهاز هلڻ لائق ناهن، جيڪي ڇنڊ ڦوڪ بعد فلائيٽ آپريشن جو حصو آهن، ملڪي تاريخ جو پهريون هوائي حادثو 1965ع ۾ فلائيٽ نمبر 705 بوئنگ 720 سان پيش آيو، پي آءِ اي جهاز لنڊن ويندي قاهره ايئرپورٽ تي ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 124 مسافر مئا، ٻيو حادثو 6 آگسٽ 1970ع ۾ فوڪر سان راولپنڊيءَ ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 30 ڄڻا مئا، 8 ڊسمبر 1972ع ۾ پي آءِ اي جو ٻيو فوڪر ايف 27 فلائيٽ نمبر 631 به راولپنڊي ۾ ڪري تباهه ٿيو جنهن ۾ 26 مسافرن جانيون ڏنيون. 26 نومبر 1979ع تي پي آءِ اي جو بوئنگ 707 فلائيٽ نمبر 740 طائف ويجھو باهه لڳڻ سبب ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 145 حاجي ۽ عملو سوار هئا، 23 آڪٽوبر 1986ع تي پي آءِ اي جو فوڪر ايف 27 پشاور ويجھو ڪري تباهه ٿيو جنهن ۾ 54 سوار هئا ۽ 13 ڄڻا فوت ٿيا، 17 آگسٽ 1988ع ۾ هرڪيوليس سي 130 سان بهاولپور ۾ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ملڪي صدر جنرل ضياءُ الحق ۽ 30 فوجي جنرل مارجي ويا، ان سميت 28 سيپٽمبر 1992ع ۾ اي 300 نيپال ۾ ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 155 ماڻهو مئا، 10 جولاءِ 2006ع ۾ جهاز ايف 27 فلائيٽ نمبر 688 ملتان ۾ ڪري تباهه ٿيو ۽ 45 مسافر ۽ عملي جانيون ڏنيون. 28 جولاءِ 2010ع ۾ مرگلا جي جبلن تي اي 321 جهاز تباهه ٿيو، جنهن ۾ 152 مسافر فوت ٿيا، 20 اپريل 2012ع ۾ ڀوجا ايئر بوئنگ جهاز 737 اسلام ايندي حادثي جو شڪار ٿيو ۽ 121 مسافر اجل جو شڪار ٿيا، 07 ڊسمبر 2016ع تي پي آءِ اي جو چترال کان اسلام آباد ويندڙ جهاز ڪري پيو جنهن ۾ 48 مسافر ۽ عملو سوار هئا، وري ڪالهه لاهور کان ڪراچي ايندڙ پي آءِ اي جو مسافر جهاز اي 320، پي ڪي جي اڏام 8303 ماڊل ڪالوني جي جناح گارڊن مٿان انساني آباديءَ تي ڪري تباهه ٿيو جنهن ۾ 85 مسافر ۽ عملي جا 12 ماڻهو سوار هئا، الله تعاليٰ فوتين جي پونئرن کي صبر عطا فرمائي پر ادارن جي سڌاري تائين عوام جو اهو حال اڻٽر آهي.
فيضان شيخ/گلشن اقبال، ڪراچي

پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيو!
پاڻي سان ئي زندگي آھي، پاڻي آھي ته خوشيون آھن، خوشحالي آھي رونقون آھن، انھيءَ پاڻي جي حاصلات لاءِ ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جا آبادگار ڪڏھن بدين جي سينٽرل جيل اڳيان مھينن جا مھينا ويھي احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا ته ڪڏھن ساڳيا آبادگار اسلام آباد جھڙن شھرن ۾ پڻ احتجاج ڪندا رهيا آھن، پر اڪثر انھن آبادگارن کي روڊن تي احتجاج ڪندي ڏسون ٿا. ھن وقت پڻ سب ڊويزن خيرپور گمبوھ جي شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ غيرقانوني روٽيشن خلاف پڇڙي جا آبادگار لاڳيتو احتحاج ڪري رھيا آھن، پر ڪوبه سندس دانھن ٻڌڻ وارو نه آھي، ايريگيشن جا اعليٰ آفيسر سب ڊيويزن خيرپور گمبوھ جي حصي جو پاڻي ٽنڊوالھيار ۽ چانگ سب ڊويزنن کي وڪڻي رھيا آھن، جنھن ڪري شاخن جي پڇڙيءَ ۾ فصل سڪي تباھ ٿي رھيا آھن ۽ آبادگار ۽ ھاري سخت پريشان آھن، جڏھن ته ھاءِ ڪوٽ طرفان فيصلو پڻ ڏنو ويو آھي ته پڇڙيءَ ۾ ڪنھن به صورت ۾ پاڻي ريگيولر ڪري ڏنو وڃي پر ڪورٽ سڳوريءَ جي حڪمن تي عمل ناھي ٿي رھيو، اسين هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿا ڪيون ته غيرقانوني روٽيشن ختم ڪري پڇريءَ جي آبادگارن جي فصلن کي تباھ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پاڻي ڏنو وڃي.
اسدالله لغاري/ملڪاڻي شريف
ڪورونا ۽ سنڌ حڪومت جا قدم!
ڪورونا خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪو آھي، ھي وائرس ھر ملڪ ۾ انساني زندگيون ڳڙڪائيندو ٿو وڃي، سڄي ڌرتي تي وسندڙ ملڪ ڪورونا جي خوف ۾ ورتل آھن، ڏيھون ڏينھن وائرس وڌندو پيو وڃي، ان جي لپيٽ ۾ پاڪستان به اچي چڪو آھي، ان وائرس کي سامھون رکندي اسان جون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڏينھن رات ھڪ ڪري ھن موذي مرض کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيون آھن، تازو وزيراعظم عمران خان طرفان غريب ۽ پورھيتن لاءِ احساس پروگرام جو اعلان ڪيو ويو ۽ تيل قيمتن ۾ به لاٿ ڪئي وئي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي ساراھ ٿي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جس لھڻي جنھن پنھنجي صوبي جي ھر ڏکئي وقت ۾ سار لڌي، عالمي سطع تي خطرناڪ وائرس کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ۽ سنڌ جا سمورا شھر، اسڪول، پارڪ، شادي ھال، فيڪٽريون، آفيسون ۽ ٻيا ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سنڌ پوليس جي ڪوششون ڪنھن حد تائين ڪامياب ويون پر پوليس مڪمل عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي، شھرن ۾ اڪثر ماڻھون موٽرسائيڪل ته 3 کان 4 ڄڻا سواري ڪندا رهيا، اڪثر شھرن ۾ ته قانون جا رکوالا به حڪومتي اعلان کي ھوا ۾ اڏائيندا رهيا، اھڙي صورتحال ۾ ڪورونا کي ڪئين شڪست ڏينداسين، ھر ٿاڻي جو ايس ايڇ او پنھنجي حد ۾ سنڌ حڪومت جي اعلانن ته سختي سان عمل ڪرائي ھن موذي مرض کي شڪست ڏيڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. وڏو وزير مراد علي شاھ حقيقت ۾ سنڌ جو ھيرو آھي.
آفتاب سولنگي/ ڊينگاڻ ڀرڳڙي
احساس ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟
جئين ته لاڪ ڊائون سبب تقريبن ھر شھري متاثر ٿيو آھي، پر اسان وٽ ڏيھاڙي تي ڪمائيندڙن جو گذران ڏکيو ٿي پيو آھي، پر وزيراعظم عمران خان احساس ڪفالت نالي سان انھن ڏيھاڙيدارن لاءِ پيڪيج جي شروعات ڪري ڪجھ ٽائيم لاءِ ڏکيائين کي ٽاري سھارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر اهي بگھڙ جيڪي پينٽ شرٽ پائي احساس پروگرام ۾ غريب ماڻھن اڳيان پاڻ کي صاحب پيا سڏائين اھڙائي سفيد پوش بگھڙ اسان جي پسگرداري ۾ پڻ موجود آھن، اسان جي شھر خانپور مھر ۽ لوھي جي احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن تي سرعام غريبن جي آيل پئيسن مان 500 کان 2000 تائين ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، اسان وفاقي حڪومت سميت اعلي ادارن کان اھڙن ايجنٽن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪريون ٿا .
اياز احمد شر/ لنڊ بازار، خانپور مھر
تيل جا اگهھ گھٽ ٿيڻ بعد مهانگائي به گھٽ ٿيڻ گھرجي!
وفاقي حڪومت گذريل ڪجھ مھينن کان تيل جي اگھن ۾ گھٽتائي آندي آھي، پر ان باوجود عام واھپي جي شين جا اگھ نه پيا گھٽجن، ان سلسلي ۾ حڪومت جو تيل جي اگھن ۾ گھٽتائي بھتر قدم چئي سگھجي ٿو پر ان سان گڏ گاڏين جي ڀاڙن ۽ عام شين جي اگھن ۾ به گھٽتائي اچڻ لازمي آھي، ته جيئن ھيٺين سطع تي غريب عوام کي ڪجھ رليف ملي سگھيم اھي اعلان به حڪومت طرفان ڪيا ويندا آھن ته عام شين ۽ ڀاڙن جي اگھن تي ضابطو آندو ويندو، پر ان تي عمل ناھي ٿي سگھندو، تيل جا اگھ جيڪڏنھن گھٽ ٿين ٿا ته اھا عوام لاءِ ھڪ سٺي خوشخبري ضرور آھي، پر ان سان گڏ ڪورونا جھڙي صورتحال ۾ عام واھپي جي شين جا اگھ به گھٽايا وڃن ته جئين عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.
شفيق الزمان لغاري/ خيرپور ناٿن شاھ
پڃري ۾ قيد انسان ۽ وبا!
ڪورونا جيڪا اڄ عالمي وبا ثابت ٿي آهي، جنهن انسان جي جيءَ کي  ڪجهه مهينن کان مُٽ ۾ ڪيو آهي ۽ پوري دنيا کي گذريل ٻن مهينن کان پريشان ڪيو آهي ۽ انسانن کي گهر  تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، پر احتياط تي عمل ڪرڻ سان ان کان بچي سگھجي ٿو. وبا ڏيهاڙي ڪمائيندڙ طبقي جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪي بي وس ۽ لاچار گهر ۾ محدود آهن، ۽ آسري ۾ آهن ته ٻچڙن جي پيٽ ۾ ڪجهه کاڌو ڪيئن وجهجي، انهن حالتن ۾ دنيا ۾ موجود مختلف رضاڪار ادارا پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن مستحق ماڻهن ۾ راشن ورهائي رهيا آهن، جيڪو ساراه جوڳو ڪم آهي، دوستو هيءَ وبا هن وقت تائين خطرناڪ ثابت ٿي آهي، جنهن ڪيترن ئي انسانن جو جانيون ڳڙڪايون آهن، اوهان کي عرض ٿو ڪجي ته اڃا به هن وبا جي ڦهلجڻ جا شڪ آهن، مهرباني ڪري پنهنجي گهر ۾ رهو ۽ غير ضروري ڪمن لاءِ ٻاهر نه نڪرو عوام لاڪ ڊائون ۾ نرمي هجڻ کان پوءِ ايئن ٿو سمجهي ته حڪومت لاڪ ڊائون کي نرم ڪري ڇڏيو آهي، معنيٰ ڪورونا ختم ٿي ويو آهي، پر ايئن نه آهي، ملڪ  جي معيشت کي هٿي وٽرائڻ لاءِ  هڪ فيصلو ورتو ويو آهي، پر اسان تي فرض آهي ته پوءِ به احتياط ڪريون ڇو جو اسان جو جانيون شاپنگ کان وڌيڪ قيمتي آهن ۽ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن اسان جو سِر سلامت هوندو ته اسين شاپنگ به ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجا ڏهاڙا به ملهائي سگهنداسين، اسان کي گهرجي ته اسان ڪتابن جو مطالعو ڪريو ڇو جو اهڙي ڏهاڙن ۾ ڪتاب ئي اسان جا سٺا دوست ٿي سگهن ٿا، جيڪا اسان کي ذهني طور سڪون ڏئي سگهن ٿا.
راحيل بڙدي/خيرپور
شاعر علي محمد اڏيرائيءَ جي سار لڌي وڃي!
سنڌ ڌرتي جي بيتاج بادشاهه عوامي شاعر علي محمد اڏيرائي اڄ بستري ڀيڙو آهي، ان دوران ڪو سندس سنڀال ڪرڻ وارو نه آهي، علي محمد اڏيرائي جي شاعري ڪن معمولي فنڪارن ڳائي اڄ آسمان جي ڪھڪشان تي جرڪي رھيا آھن، سنڌي عوام کي ھزارين باڪمال گيت ارپيندڙ  جنھن ۾ “آ درد ڀري دل جي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو، رس ڀل رسڻ قبول اٿم، ھيو جن جو سھارو، سونهن ڀري سنڌ توکي آ سلام” ۽ ٻيا ھزارين گيت جيڪي عوام جي دلين تي راڄ ڪن ٿا، علي محمد اڏييرائي جي نالي کان سنڌ ۾ ڪو اھڙو ورلي ماڻهو هوندو جيڪو واقف نه ھجي؟ سنڌ جي نالي وارن فنڪارن شاعر علي محمد اڏيرائي جي شاعري ڳائي آھي، تن ۾ فوزيه سومرو، سرمد سنڌي، الھڏنو جوڻيجو، ثمينه ڪنول، الھڏنو  خاصخيلي، جلال چانڊيو، تاج مستاني، شمن علي ميرالي، ۽ ٻيا شامل آهن. اڄ علي محمد اڏيرائي بيوسي جي بستري تي پيل آھي، سنڌ جي ڀلوڙ شاعر کان ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي، آئون سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪندس ته شاعر علي محمد اڏيرائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ کيس جيئري مڃتا ڏني وڃي ته توهان اڪيلا نه آھيو سنڌ جو شعور توھان سان گڏ آھي.
امر کتري/ ٽنڊو باگو
پبلڪ ٽرانسپورٽ کوليو !
ڪورونا جي ڪري جتي هر ڪاروبار متاثر ٿيو آهي اتي پبلڪ ٽرانسپورٽ به متاثر ٿي آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ جتي سهولتن خاطر سفر ڪندڙ اهي پورهيت جن وٽ پنهنجيون گاڏيون ناهن اهي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندا آهن، اهي به هن وقت پريشان آھن، جڏهن ته ٽرانسپورٽ مالڪ به پريشان ٿي ويا آهن، گاڏيون قسطن تي وٺي ملازمن کي هلائڻ لاءِ ڏيندا ته خرچ پکو ۽ قست نڪري ويندي هئي، هن وقت لاڪ ڊائون ڪري گاڏين جون قسطون ڀرڻ به ڏکيون آهن پبلڪ ٽرانسپورٽ تي نوڪري ڪندڙ ڊرائيورن، ڪنڊڪٽرن، ڪلينرن جو به اهو حال آهي ته هن وقت هو پنهنجي بچن کي بک ۾ ڏسي اکين مان لڙڪ لاڙين ٿا، اندر ۾ اهو احساس ٿو پيدا ٿئي ته اڳ ئي غريب ماڻهو ڏکن ۾ وقت گذاري رهيو آهي، مٿان عالمي وبا به غريبن لاءِ ڏک بيڻا ڪري ڇڏيا آهن، آخر ڪيسيتائين لاڪ ڊائون جاري رهندو؟ ٻن مهينن کان گهرن ۾ ويٺل اهي ڊرائيور ڪنڊڪٽر ۽ ڪلينر جيڪي ٻيو هنر نٿا ڄاڻن، اهي هن وقت فاقاڪشي واري صورتحال ۾ آهن، انهن جا بچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هن وقت کائڻ لاءِ انهن وٽ ڪجھ به ناهي ڳوٺن ۾ دڪاندار اوڌر تي سيڌو سامان ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن، انهن غريبن جي اسين سار نه لهنداسين ته ٻيو ڪير نه لهندو، سنڌ سرڪار جيڪڏھن ٻيا ڪاروبار کولي سگهي ٿي ته پوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ به کولي ۽ ان لاءِ ايس او پيز تحت پاليسي ٺاهي وڃي جئين انهن پورهيتن جي منھن تي مرڪون موٽي اچن، حڪومت کان اهو ئي مطالبو آهي ته فيصلو ڪري بيروزگاري ختم ڪري پورهيتن مان پريشاني دور ڪئي وڃي.
توفيق لنڊ/ڪنب
وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد!
عيد آھي ئي خوشين ۽ مرڪن وکيرڻ جو نالو، پر الائي ڇو عيد تي به غمن جي پهاڙ ۾ جڪڙيل ماڻھن جا درد ڏسي من ڀرجي ايندو آھي، سوچيان پيو ان فرد جي عيد ڪيئن ٿيندي جنهن جي هٿن ۾ ڪجهه سڪا آھن، جيڪو سڪا ته ڳڻي رهيو آھي پر سندس نگاهون ڪنهن ڪپڙي جي دڪان تي اٽڪيل آھن، پنهنجي ٻچي جي لاءِ عيد جا ڪپڙا نه وٺي سگهندڙ ان امڙ جو درد به هانءَ ۾ ڇيت جيان ڇپي ٿو، جيڪا پنهنجي روئندڙ ٻار کي ڪيڏي نه درد منجهان چوي ٿي، پٽ! ڪپڙا پوءِ به وٺنداسين، عيد ته هر سال ايندي آھي، زندگي سراپا سور آھي، گلشير ٽڳڙ جي ماءُ جون اکيون گذريل 33 مهينن کان پنهنجي گهر جي در ۾ اٽڪيل آھن، ته الائي ڪڏهن ٿو سندس ٻچڙو وري، ٽن ورهين کان لاپتا ٿيل مٽياري جي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳڙ جي امڙ ڪيئي عيدون انتظاري ۾ گذاري ڇڏيون آهن، هاڻي ته سندس اکين جو پاڻي به کٽي ويو آھي. سوچيان ٿو ٺل جي نياڻي فضيلا سرڪي جي امڙ تان ڇا گذريو هوندو؟ جنهن پنهنجي نياڻي جي بازيابي لاءِ در در ٺوڪرون کائي جوانيءَ ۾ پوڙھي ٿي وئي، پر سندس نياڻي نه موٽي، سوچيان ٿو اها وني ڪيئن عيد ڪندي جنهن جو ور سالن کان جيل ۾ قيد آھي، سوچيان ٿو اهي ڀينرون ڪيئن عيد ڪنديون جن جا ڀائر الائي ڪهڙي ڏوھ ۾ سالن کان لاپتا آھن، عيد خوشين جو نالو آھي پر مزدور جيڪو ڏينهن رات پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پاليندو آھي ۽ عيدن تي رت ست ڏئي پنهنجي اولاد کي نوان ڪپڙا وٺي ڏيندو آھي، پر هيل ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي ڪري مزدور طبقو پنهنجي اولاد کي عيد تي نوان ڪپڙا ته ڇا سک جا ٻه ويلا ماني به ڪين کارائي سگھندو. وڏين وڏين گاڏين توڙي ريشمي لباس ۾ عيد جون خوشيون ملهائيندڙن کي مرجهايل چھرا الائي ڪڏهن ياد ايندا جو سندن ٿوري مدد سان به ڌرتي جي ڌنارن جي عيد ٿي سگهي ٿي. اچو ته هيل هن عيد تي انهن ماڻھن جي مدد ڪريون ۽ کين پنهنجين خوشين ۾ شريڪ ڪريون جن جو الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه سهارو ناهي.
غلام علي گل ٻجورو/سجاول
ماڪڙ مار اسپري ڪرايو!
ماڪڙ هن وقت ڪورونا جيان هڪ وڏو وائرس ثابت ٿي آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ڪو به ڪونهي، حڪومتون توڙي ٻيا ادارا به ماڪڙ جي تباهيءَ تي خاموش آهن، آخر ڇو اهو سمجهه ۾ نٿو اچي، ماڪڙ گذريل سال خاص ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهچايو، جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو لڳائي سگهجي، سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جا لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ختم ٿي ويا، پر ان وقت حڪومتون صرف هڪ ٻئي تي الزامن ۾ رڌل هيون ۽ هينئر ماڪڙ سنڌ جي ستن ضلعن ۾ موجود آهي، جنهن جي پڻ ٻين ضلعن ڏانهن منتقلي جاري آهي، جيڪا ڪتيءَ جي فصل کي وڏو نقصان پهچائيندي، جنهن جو ڪو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي، جڏهن حڪومت کي ڪاروبار ۽ فيڪيٽريون بند ڪرڻ سان نقصان ٿئي ٿو ته ان لاءِ حڪومت لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪندي آهي، باقي زراعت جو جيڪو ماڪڙ نقصان ڪري رهي آهي ان جو حڪومت کي نقصان نٿو ٿئي؟ پاڪستان جو پورو دارومدار زراعت تي آهي ۽ جيڪڏهن حڪومتن جو اهو ئي حال رهيو ته اٻوجهه عوام جو ڇا ٿيندو؟ منهجي چوڻ جو اهو مقصد آهي ته ماڪڙ هن وقت محدود ضلعن ۾ موجود آهي، جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ سولو آهي، حڪومت کي گهرجي ته مهرباني ڪري جلد کان جلد  ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪرائي پڻ ڪتيءَ جي فصل کي نقصان کان بچايو وڃي.
محرم علي شر/ هنڱورنو

ام رباب انياءَ خلاف احتجاج ۾ اڪيلي ناهي!
لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي دنگ وارو شهر ميهڙ ڪچي ۽ پڪي کان سواءِ پهاڙي ۽ درياهي سلسلن جي دامن ۾ موجود آهي، چانڊڪا پرڳڻي سان سلهاڙيل هن سرزمين جي اڇي ۽ ڪاري جا وارث ڪجھ قبائلي سردار آهن، جيڪي هر دور ۾ منهن مهانڊا بدلائي اقتدار جي ايوانن تائين سولائيءَ سان پهچندا رهيا آهن، باقي ڪمي ۽ ڪاسبي ذاتيون، خاص طور تي هندو ۽ وچولو واپاري طبقو انهن جي رحم ڪرم تي رهندو آهي. کيرٿر کان سنڌوءَ جي سنگم تائين هتان جا وڏيرا ڪڏهن ڌاڙيل ته ڪڏهن وري رهزن رهبر جو روپ وٺي ماڻهن مٿان حڪمرانيءَ جو حق جتائيندا رهيا آهن. اهڙي انڌير نگريءَ ۾ سنڌ ڄائي اُم رباب ڏينهن جو ڏياٽيون ٻاري انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن کان انصاف طلبي رهي آهي. ان جي ابي ۽ ڏاڏي رت جو ريجُ ڏئي سردارن جي ستمگرين خلاف بغاوت جو علم کنيو هو، جيڪا ڳالهه سينواريل سماج جي وحشي وڏيرن خلاف هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀ فرعون، هامان ۽ نمرود گڏ ٿي ويا، جن غنڊن هٿان گوليون هلائي ميهڙ جي ميندي واريءَ سُڳنڌ ڀري سرزمين کي رت ۾ ڳاڙهو ڪيو. ظاهري طور هيءَ بغاوت ٿوري وقت لاءِ محدود نظر اچي ٿي، پر ايندڙ وقت جي انقلابن جي لاءِ رت جي اها راند سنڌ جي چپي چپي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن ڪيس ۾ سنڌ جون سموريون اقتداري ڌريون هڪ پيج تي آهن پر اسان جي نرمل نياڻي اُم رباب اڪيلي سر اڃا رڃَ مان رڙ ڪري پئي. هوءَ “لشڪر يزيد ۾ گھرگئي، اڪ ڪينز ڪربلا” جيان زمين ۽ آسمان جي مالڪ جي انصاف کان مايوس نه ٿي آهي. سندس واڪا انهن حڪمرانن لاءِ به سياسي موت ثابت ٿي سگھن ٿا جيڪي سدائين شهيدن جي نالي تي سنڌ جي سينڌ جو سستو سودو ڪرڻ جا ڪرتب ڌيکاريندا رهيا آهن. ان ڏس ۾ عدالتن کي ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه اچڻ گھرجي ۽ اهو ئي هڪ در کليل آهي، جنهن مان انصاف جي اميد رکي سگھجي ٿي، اها ئي وارتا اڄ به عدليا جي ڪشادي سيني مٿان چڀندڙ سوال جيان کتل آهي، باقي سنڌ جا اقتداري واڳ ڌڻي هر صورت ۾ پنهنجي طبقي جي انا کي بچائڻ ۾ رڌل آهن. مون جڏهن اُم رباب سان رابطو ڪري کيس پرسو ڏنو ته سندس سوڳوار دل مان ٿڌي آهه نڪتي ته ”مولا ڪو به غم ڏي، سواءِ غمِ حسين عه جي.”
نفيس فاطمه جعفري/ملير،ڪراچي

سنڌ جي نياڻي ام رباب جو فرياد!
انصاف جي ڳولا ۾ نڪتل قانون جي شاگردياڻي سنڌ جي مظلوم نياڻي ام رباب جا چيل لفظ منهنجو هانءُ چيري رهيا آهن، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي پوئواري ڪندي ڪندي مان ٿڪجي پئي آهيان، پر انصاف ملڻ ۾ دير ۽ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن. اهڙا دل ڏکوئيندڙ جملا ڪو زندھ ضمير رکندڙ انسان ٻڌي ۽ برداشت نٿو ڪري سگهي. ام رباب جنهن جي خاندان جي ٽن فردن کي هڪ ئي وقت گولين جو کاڄ بڻائي هميشه واري ننڊ سمهاريو ويو. ام رباب جيڪا انصاف جي ڳولا لاءِ ڪڏهن پيرن اگهاڙي ته ڪڏهن روشن چٽي ڏينهن ۾ بَتي کڻي انصاف جي ترت فراهمي جا احتجاج ڪري رهي آهي، پر کيس وڏو وقت گذري وڃڻ باوجود ڪيس کي جلد اڪلائڻ، انصاف جي حقيقي فراهمي کي منتقلي ڪرڻ ۾ لاڳيتي دير ۽ هڪ تاريخ کان ٻي تاريخ کي جاري رکيو پيو وڃي، هن ڪيس تي هر ماڻهوءَ جي نظر ان ڪري به آهي ته هي ڪيس سرداري نظام خلاف آهي، جنهن ۾ مظلوم راڄ هڪ ظالم سردار جي خلاف اٿي بيٺو آهي. جيڪڏهن هن ڪيس ۾ ام رباب کي فتح نصيب ٿئي ٿي ته اها فتح مظلوم سنڌ جي فتح هوندي. وقت جي حاڪمن کي به گهرجي ته سنڌ ڄائي مظلوم نياڻي ام رباب جي ڪيس جي پوائواري ڪن ۽ ظالمن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ هڪ مظلوم نياڻي جو ساٿ ڏئي کيس جلد ۽ ترت انصاف فراهم ڪيو وڃي.
جاويد علي ابڙو/ ڳوٺ ڏتل ابڙو، قمبر

Bookmark the permalink.