تازا ترين
  • *مبارڪپور ۾ چوري ڪندي 2 چور سوگها،مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ چنڪي واھ تي چورن افغان مهر جي گهر کي کاٽ ھنيو ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا *ڳوٺاڻن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُالله جعفري کي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو *مبارڪپور پوليس پھچي ٻن چورن ساجد ڀٽو ۽ ثناءُ الله جعفري کي گرفتار ڪري ورتو*

ڪوهلي کان ڊنل ناهيان، سينئر ڪرڪيٽر هئڻ تي سندس عزت ڪندو آهيان: نسيم شاهه

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني بالر نسيم شاهه چيو آهي ته مان ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي عزت ڪندو آهيان، پر ان سان مقابلو ڪرڻ ۾ ڪو ڊپ محسوس ناهيان ڪندو، مان ويرات ڪوهلي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيان، کيس آئوٽ به ڪندس. 17 سالن جي نسيم شاهه تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ميچز سدائين اهميت جوڳيون رهيون آهن،اسان کي اڳ ئي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچز ۾ رانديگر پنهنجي عوام لاءِ هيرو ۽ ولنا بڻبا آهن. نسيم شاهه چيو ته پاڪستان بقابله ڀارت ميچز خاص هونديون آهن، مونکي جڏهن به موقعو مليو ڀارت خلاف کيڏندس.

Bookmark the permalink.