تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪورونا پازيٽو اچڻ جي صورت ۾ به فارمولا ون ريسز جاري رکڻ جو اعلان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) فارمولا ون ريسز انتظاميا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي صورت ۾ به ايونٽ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڪورونا جي عالمي سطح تي پکيڙ سبب مارچ کان معطل فارمولا ون سيزن 5 جولاءِ کان آسٽريليا ۾ شروع ٿي رهي آهي. چيف ايگزيڪيوٽو چيز ڪيري جو چوڻ آهي ته ڊرائيور جو ڪووڊ 19 ٽيسٽ مثبت اچڻ تي ريس ملتوي نه ڪئي ويندي، ڪنهن هڪ شخص جي ڪري سمورو ايونٽ ملتوي نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڊرائيور کي قرنطينه ڪري هوٽل ۾ سهولتون به فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته وائرس متاثر ڊرائيور جي متبادل ڊرائيور جو به بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن ايونٽ ۾ ڪا رنڊڪ نه اچي سگهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل طور تي 8 فارمولا ون ريز جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.