تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جو بهانو: پي سي بي ملازم ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڪورونا وبا جي ڪري لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون سبب راندين جون سرگرميون بند پيل آهن، جنهن ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملازمن کي نوڪري مان فارغل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پي سي بي جي ذريعن موجب پي سي بي جو عملو تقريباً 8 سئو ملازمن تي ٻڌل آهي، جن مان غير ضروري ۽ غير فعال عملي کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو عمل به شروع ٿي ويو آهي، پهرئين مرحلي ۾ ننڍي گريڊ جي ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن موجب عملو گھٽ ڪرڻ جي حڪمتي عملي جاري هئي، هاڻي ڪورونا جي اثرن کي به نظر ۾ رکڻو پئجي رهيو آهي. رڳو ننڍا ملازم ئي فارغ نه پيا ڪيا وڃن پر مڊل ۽ سينئر مينيجمينٽ به شامل آهي. جڏهن ته ضروري عملي کي برقرار رکڻ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. ذريعن جو چڻ آهي ته پي سي بي مالي طور مستحڪم آهي، موجود حالتن ۾ ٽي سال ڏکيا نه ٿيڻ گھرجن. پهرئين مرحلي ۾ ڪرڪيٽ بورڊ هيڊڪوارٽر مان فارغ ٿيندڙن ۾ هيلپر ۽ آفيس بوائز شامل آهن، جڏهن ته اڃا صرف ايڊمن جا ملازم ڪڍيا ويا آهن. ٻين شعبن مان به ماڻهو ڪڍيا ويندا. ڄاڻايل ملازمن جي برطرفي جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اهي ملازم پهرين جولاءِ کان نوڪرين مان فارغ هوندا.

Bookmark the permalink.