تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪورونا سبب هلندڙ سال انب جو 40 سيڪڙو واپار گهٽ ٿيندو

ڪراچي (ڪامرس نيوز) ڪورونا سبب هلندڙ سال انب جو 40 سيڪڙو پرڏيهه واپار گهٽ ٿيندو. ان حوالي سان پاڪستان فروٽ ويجيٽيبل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن پاران خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. ايسوسيئيشن جي سرپرست اعليٰ وحيد احمد جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال انب جي پرڏيهه واپار لاءِ 80 هزار ٽن هدف مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته 80 هزار ٽن انب جي وڪري سان 5 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب پاڪستان جي زراعت کي وڏي پئماني تي نقصان رسيو آهي، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ لاڪ ڊائون سبب انبن جو پرڏيهه واپار به سخت متاثر ٿيو اهي، هن چيو ته واپار جي متاثر ٿيڻ سبب نه رڳو واپارين کي پر آبادگارن کي پڻ نقصان پهٿو اهي.

Bookmark the permalink.