تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڪورونا سبب لاڙڪاڻي ۾ راندين جون سرگرميون بند، ميدان ويران، نوجوان رانديگر صلاحيتن ڏيکارڻ کان محروم

لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) سڄي دنيا کي تباهي ڪناري پهچائيندڙ ڪورونا وائرس سبب راندين جون سرگرميون بحال نه ٿي سگهيون، لاڙڪاڻي جا ميدان ويران بڻجي ويا، نوجوان رانديگر صلاحيتون ڏيکارڻ کان محروم، سندن مُک تي مرڪون هجڻ بجاءِ مايوسي پکڙيل. تفصيل موجب عالمي وبا ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي آهي، اتي راندين جي شعبي کي به متاثر ڪيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ قاتل ڪورونا جي ڪري راندين جا ميدان سيل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميونسپل اسٽيڊيم، پي سي بي گرائونڊ، لوڪو شيڊ، کهڙا ڪامپليڪس سميت ٻيا گرائونڊ شامل آهن، جڏهن ته انتظاميا پبلڪ پارڪ به بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري نوجوان رانديگر صلاحيتون ڏيکارڻ کان محروم بڻيل آهن، راند کيڏڻ جي اجازت نه ملڻ ڪري گلاب جي گل جيان ٽڙندڙ چهرن تي مايوسي پکڙجي وئي آهي، اڪثر نوجوان راند نه کيڏي سگهڻ ڪري گهٽين ۽ روڊن ۾ رلندي وقت گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن، شهر جي سمورن ميدانن ٻاهران پوليس اهلڪار سڄو ڏينهن گشت ڪندا رهن ٿا ۽ ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال، فٽبال سميت ٻيون رانديون کيڏندڙ نوجوانن کي ڀڄائيندا رهن ٿا، ان سلسلي ۾ رانديگرن زبير احمد، عاشق علي، شفيع، اظهر ۽ ٻين “پنهنجي اخبار” جي نمائندي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري گذريل اڍائي مهينن کان شهر جا سمورا گرائونڊ سيل آهن، جنهن جي ڪري رانديون نه ٿا کيڏي سگهون، جيڪڏهن راند کيڏڻ لاءِ وڃون ٿا ته پوليس اهلڪار دڙڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏين ٿا، هنن چيو ته رانديون کيڏڻ سان تندرست ۽ چست رهندا آهيون، هاڻي اسان جي فٽنس تي به خراب اثر پئجي رهيا آهن، هنن چيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري هوٽل، ريسٽورينٽ ۽ شادي هال به بند آهن، اسان اتي پورهيو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندا هئاسين پر هاڻي اهو به مشڪل ٿي ويو آهي، بيروزگاري ۽ راند کيڏڻ جي اجازت نه ملڻ ڪري ذهني مريض بڻجي ويا آهيون، حڪومت کي گهرجي ته ڪاروبار ۽ راندين جا ميدان کولرائي ته جيئن رانديگر ڏينهن جو راند کيڏي سگهن ۽ شام جي وقت پورهيو ڪري پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ به پالي سگهن.

Bookmark the permalink.