تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪرڪيٽ ۾ احتياط جي ضرورت آهي، لاپرواهي وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي: وقار

لاهور: (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڪرڪيٽ جي دنيا کي سخت نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته رانديگرن کي به هاڻ نئين روايتن ۽ قانون جو عادي ٿيڻو پوندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي وقار يونس چيو ته ڪورونا وائرس سبب سمورين راندين تي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن. سڀني کان وڌيڪ فرق ڪرڪيٽ تي پوندي نظر اچي رهيو آهي ڇو ته ان ۾ بال هڪ هٿ کان ٻئي هٿ ۾ ويندي آهي ۽ بالر ان کي پنهنجي پِڪ ۽ پگهر سان چمڪائيندو به آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته سڀني کان وڌيڪ جهٽڪو ته ڪرڪيٽ کي ئي لڳندو.گرائونڊ ۾ ڪاميابي کان پوءِ جشن ملهائڻ ئي راند جو اصل مزو آهي پر هاڻ بالر وڪيٽ وٺي جشن نه ملهائيندا، مٿي تي هٿ نه ڦيريندا بيٽسمين سينچري ٺاهي هڪ ٻئي سان گلي نه ملندو. هن چيو ته اهو هڪ وڏو جهٽڪو آهي. وقار يونس چيو ته ڪرڪيٽ ۾ وڏي احتياط جي ضرورت پوندي ڇو ته ٿوري به لاپرواهي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پِڪ سان بال کي نه چمڪائڻ جي تجويز آهي ان تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ان جي لاءِ بالرن کي عادي به ٿيڻو پوندو.مان سمجهان ٿو ته ان جو ڪو ٻيو حل ڪڍڻو پوندو. ڇو ته پهريان ئي بيٽسمين کي وڌيڪ فائدو حاصل آهي. بيٽ ۽ بال ۾ توازن قائم رکڻو پوندو. بالنگ ڪوچ وڌيڪ چيو ته بال کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان سان بالرن کي نقصان ۽ بيٽسمينن کي فائدو ٿيندو. بال جڏهن سوئنگ نه ٿيندو ته راند جو توازن ختم ٿي ويندو.وقار يونس چيو ته جڏهن ڊگهي وقفي کان پوءِ راند شروع ٿيندي ته بالرن جو خيال رکڻ تمام ضروري هوندو. بالرن جي لاءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ ميدان ۾ بالنگ ڪرڻ آسان نه هوندو. بالرن جي فٽنس جو تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو. بالرن مٿان ميدان ۾ ايندي ئي پريشر وجهڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو.

Bookmark the permalink.