تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪرڪيٽ ٽيم جا 3 ڪوچ پرڏيهه ويل: قومي ٽيم جو ٽريننگ سيشن ڪيئن ٿيندو؟

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مينجمينٽ جي 3 ميمبرن جو پاڪستان ۾ موجود نه هئڻ جو انڪشاف يو آهي. ذريعن موجب بالنگ ڪوچ وقار يونس پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) ملتوي ٿيڻ بعد آسٽريليا هليو ويو هو، جڏهن ته فزيو ڪلف ڊيڪن به پي ايس ايل ملتوي ٿيندي ئي ڏکڻ آفريڪا روانو ٿيو هو. فيلڊنگ ڪوچ گرانڊ بريڊبرن پي ايس ايل کان اڳ ئي موڪلن تي نيوزيلينڊ هليو ويو هو، جڏهن ته قومي ٽيم جي ٽريننگ ڪيمپ جي شروعاتي مرحلي ۾ ٽنهي ڪوچن جي شموليت مشڪل آهي. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب هيڊ ڪوچ سميت مينجمينٽ سان ٽئي ڪوچ رابطي ۾ آهن، ٽريننگ جو پلان به ٽنهي ڪوچن جي مشاورت سنا تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ ڪوچن جي فوري طور واپسي ناممڪن آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته امڪاني رانديگرن جي ٽريننگ ڪيمپ جون جي پهرين هفتي ۾ پلان ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مصباح الحق، ميڊيڪل شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر سهيل سليم جلد تفصيل ٻڌائيندا.

Bookmark the permalink.