تازا ترين
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ڪراچي جهاز حادثي ڪرڪيٽرن کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو:عيد سادگي سان ملهائي، فوتين جي وارثن سان تعزيت لاءِ پهتا

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڪراچي جهاز حادثي ڪرڪيٽرن کي به ڏکارو ڪري ڇڏيو، عيد سادگي سان ملهائي، فوتين جي وارثن سان تعزيت لاءِ پهتا. ان ڏس ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري اڳ ئي گهرن تائين محدود ٿيل ڪرڪيٽرن، ايٿليٽس، ٽينس اسٽار، هاڪي رانديگر ۽ پهلوانن سميت سمورا رانديگر جهاز حادثي ۾ ڏک ۾ ورتل رهيا. اڳوڻو ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جهاز سان حادثي بعد فوري طور واقعي واري هنڌ پهتو، جتي هن ماڊل ڪالوني جي جناح گرائونڊ واري علائقي ۾ تباهه ٿيل گهرن جي متاثرن سان ملاقات ڪئي. شاهد آفريدي چيو ته حادثو افسوسناڪ آهي، الله پاڪ فوتين جي وارثن کي صبر جي توفيق فرمائي. هن چيو ته متاثرن جي هر ممڪن مالي مدد ڪئي ويندي، ان حوالي سان جن جا گهر تباهه ٿيا آهن، انهن کان تفصيل ورتا آهن،ساڻن مالي سهڪار ڪيو ويندو. هوڏانهن آءِ سي سي، بي سي بي، بي سي سي آءِ سميت دنيا جي ٻين ڪرڪيٽ بورڊز پاران سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي افسوس جا پيغام جاري ڪيا ويا، جن ۾ چيو ويو ته جهاز حادثو جيءُ جهوريندڙ هو. اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر، وسيم اڪرم، شعيب ملڪ ۽ ٻين ڪرڪيٽرن به سماجي رابطن واري ويب سائيٽ جو سهارو وٺندي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هينانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيل مسافرن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، عيد متاثر ڪٽنبن سان گڏ ملهائي آهي. ٻئي پاسي پي ايس ايل ۾پشاور زلمي جي ڪوچ ۽ ڪپتان ڊيرن سيمي سميت ٻين پرڏيهي رانديگرن به ڏک جو اظهار ڪيو. ڊيرن سيمي چيو ته جهاز حادثي ۾  فوت ٿي ويل پاڪستانين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. مشڪل وقت ۾ اوهان سڀني سان گڏ آهيان ۽ جن ماڻهن جون حياتيون ويون آهن انهن جي لاءِ مان دعاگو آهيان.

Bookmark the permalink.