تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

چڪ رورل هيلٿ سينٽر جي بند ڪيل بجلي بحال نه ٿي سگهي، مريض ۽ عملو پريشان

چڪ(ن پ ا) چڪ رورل هيلٿ سينٽر جي 12 ڏينهن کان بند ڪيل بجلي بحال نه ٿي سگهي، بجلي نه هجڻ ڪري علاج لاءِ ايندڙ مريضن جي مشڪلاتن ۾ اضافو گرميءَ سبب ڪورونا ايمرجنسي تي ڊيوٽي ڪندڙ اسپتال عملي لاءِ مشڪلاتون وڌي ويون، گرميءَ ۽ فرجون بند ٿيڻ کانپوءِ ويڪسين ۽ ٻيون دوائون خراب ٿيڻ لڳيون، تفصيل موجب: سيپڪو انتظاميا بجلي چوري ڪرڻ ۽ باقيدار هجڻ جو جواز ڄاڻائي چڪ رورل هيلٿ سينٽر جي ڪٽيل بجلي لائين 12 ڏينهن گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي، اسپتال ۾ بجلي نه هجڻ ڪري علاج لاءِ ايندڙ مريضن جي مشڪلاتن ۾ اضافو گرميءَ سبب اسپتال عملو به ڊيوٽيء کان لنوائڻ لڳو، جڏهن ته سخت گرميءَ ۾ فرجون بند ٿيڻ کانپوءِ اسپتال اندر پيل ڪتي جي چڪ، نانگ ڪکڻَ واريون ويڪسين ۽ ٻيون دوائون خراب ٿيڻ لڳيون، اسپتال عملي پاران سيپڪو انتظاميا خلاف دانهون بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، چڪ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سجاد ميمڻ، ڊاڪٽر جي ايم کوسو، برڪت مهر، غنضفر مهر ٻين چيو ماهوار بل ادا ڪندا آهيون پر ان باجود گذريل 12 ڏينهن کان بلا جواز چڪ اسپتال جي بجلي ڪاٽي وئي آهي جنهن ڪري سخت گرميءَ جي موسم ۾ اسٽاف کي ڊيوٽي ڪرڻ مشڪلاتون درپيش آهن. هنن وڌيڪ چيو ته چڪ اسپتال جي ڪٽيل بجلي بحال ڪئي وڃي. هوڏانهن ٻئي طرف سيپڪو لکي پاران ايس ڊي او وحيد ڪورائي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته معاملي جي جاچ ڪيون ٿا چڪ اسپتال جو ڪٽيل ڪنيڪشن تمام بحال ڪري چڪ اسپتال ۾ بجلي بحال ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.