تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڀرياسٽي ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀريا سٽي ويجهو ڳوٺ ڊينگو شريف ۾ ڪيريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي ءَ جي واري جي ورڇ تان زمين تي آبپاشي عملدارن جي موجودگي ۾ ڇڪتاڻ بعد جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب سنڌ سيڪريٽريٽ جي تعليم کاتي جو اسسٽنٽ ڪاشف علي ڪيريو ۽ نينگر نصير ڪيريو سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته بعد ۾ ٻئي ڌر پاران هڪ زخمي مذڪر علي کي اسپتال آندو ويو. ان سلسلي ۾ زخمي ڪاشف ڪيريو جي ڀاءُ سيڪشن آفيسر فناننس سنڌ سيڪريٽريٽ ٻڌايو ته اسان جي ديهه جلباڻي ۾ پنهنجي وڏن جي زرعي زمين آهي جنهن پاڻي واري جي ورڇ جي لاءِ اسان آبپاشي عملدارن سب ڊويزن پڊعيدن ٽو وارن کي درخواست ڏني هئي جنهن تي ڪئنال، آبدار سميت ٻيا عملدار زمين تي پهچي پاڻي جو وارو ٺاهي رهيا هيا ته مخالف ڌر وارن هٿيارن ۽ لٺين ڪهاڙين سان پهچي حملو ڪيو جنهن ۾ اسان جا 2 همراهه سخت زخمي ٿي پيا آهن. هنن چيو ته ٻي ڌر اسان جي اسپتال پهچڻ بعد پنهنجي همراهه مذڪر کي زخمي ڄاڻائي هاڻي اسپتال پهتا آهن. هنن چيو ته اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون اسان تي بلاجواز حملو ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي واقعي واري هنڌ تي موجود آبپاشي ڪئنال مولا بخش پڻ ميڊيا کي بيان ڏنو ته رحمت ا لله وارن اچي ڪاشف وران تي هلان ڪئي جنهن تي اسان عملي وارن ڀڄي جان بچائي. ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس واقعي جي 7 جوابدران خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي. آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي .

Bookmark the permalink.