تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

پي ايچ ايف جو رانديگرن لاءِ نفسياتي ماهر جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي فيڊريشن(پي ايچ ايف) رانديگرن لاءِ نفسياتي ماهر جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان هاڪي ٽيم مينجمينٽ مشهور نفسياتي ماهر سان رابطو ڪيو آهي. معاملا طئه ٿيڻ بعد رانديگرن لاءِ جلد آن لائين ليڪچرز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، رانديگرن کي ذهني پختگي ۽ ٻين ٻين مسئلن تي ليڪچر ڏنا ويندا. پي ايچ ايف لاڪ ڊائون ۾ رانديگرن کي سرگرم رکڻ لاءِ فٽنيس ٽيسٽ پروگرام جاري ڪيو هو. ان کانسواءِ رانديگرن کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٽيم ۾ ٽرينر عابد امين به فٽنيس ليول وڌائڻ لاءِ ليڪچر ڏيندو.

Bookmark the permalink.