تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

پيارواسٽيشن: شهيد غزاله بتول جي 8 ورسي، ڀيٽا پيش

پيارواسٽيشن (ن پ ا)سگا شاخ پاٽ شريف پاران محبت سنڌ ريلي دوران شهيد ٿيل غزالا بتول صديقي جي 8 ورسي ملهائي وئي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف پاران 22 مئي تي ڪراچي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻي غزالا بتول صديقي جي 8 ورسي ملهائي وئي، ورسي ۾ سگا اڳواڻن رفيق احمد سرهيو، محمد اعظم ميمڻ، گلزار ڪلهوڙو، حاڪم بٺڙ، شاهد حسين ميمڻ، محمد زمان سومرو، اظھار ڪلهوڙو، نديم ميمڻ، مجيب پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ورسي جي موقعي تي شهيد نياڻي جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد غزالا بتول سنڌ جي بهادر نياڻي هئي، جنهن پنهنجي رت سان سنڌ جي نئين تاريخ لکي.

Bookmark the permalink.