تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

پاڻي کوٽ خلاف آبادگار تنظيم جو نائين ڏينهن به ڌرڻو

ملڪاڻي شريف: آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي شاخن تي آبپاشي عملي جي ھٿرادو وارابندي ۽ پاڻي چوري وڪرو ٿيڻ خلاف ٽيل آبادگار تنظيم مسلسل جدوجهد جاري ڪندي نائين ڏينهن به نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. تنظيم جي اڳواڻن رئيس امتياز ملڪاڻي، حاجي علي دلواڻي، عابد شاهه راشدي، عبدلجبار ملڪاڻي، زاھد گجر، عظيم لغاري ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي عملي خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ڪنھن به ذميوار آفيسر نوٽيس ناهي ورتو. جرڪس شاخ، کوسڪي شاخ، آئلپور شاخن تي ھٿرداو وارابندي سبب پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اسان پوڇڙ جا آبادگار فاقاڪشي جو شڪار آھيون، آبادگارن چيو ته آبپاشي جا آفيسر ايڏا ته طاقتور آهن جو ھو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم کي به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، پوءِ اسان پنهنجي حقن لاءِ ڪنهن جا در کڙڪايون ؟ ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان کي پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي .

Bookmark the permalink.