تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

پاڪستان هاڪي ٽيم کي اسمگلنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو: اڳوڻي ڪپتان حنيف خان جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اولمپين حنيف خان انڪشاف ڪيو آهي ته 1983ع ۾ اسمگلنگ جي لاءِ قومي ٽيم جو سهارو ورتو ويو.هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران اڳوڻي ڪپتان حنيف خان الزام هنيو آهي ته 1983 ۾ ٽيم جو ڪپتان هئس ۽ پاڪستان جي ٽيم هانگ ڪانگ کان ملڪ واپس اچي رهي هئي ته پاڪستاني ٽيم جي سامان ۾ گاڏين جا پارٽس، عينڪن جا فريم، وي سي آر ۽ ٻيون شيون شامل ڪيون ويون هيون.اهو سمورو سامان اسمگلنگ ذريعي پاڪستان آندو پئي ويو. اڳوڻي اولمپين ٻڌايو ته هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي ئي اسمگلنگ جو سامان پاڪستان هاڪي ٽيم جي سامان سان گڏ روانو ڪيو ويو ۽ ايئرپورٽ تي ڪسٽم اختيارين پاڪستان هاڪي ٽيم کي اسمگلنگ جي سامان بابت آگاهه ڪيو. حنيف خان چيو ته ان وقت اسمگلنگ جي سامان جي لاڳت تقريبن هڪ کان ڏيڍ ڪروڙ روپيه هئي. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هانگ ڪانگ جي ڪسٽمز اختيارين جاچ ڪئي ته ان ۾ ٽيم جا ڪجهه آفيشلز ملوث هئا پر پاڪستان جو نالو وڌيڪ بدنام ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪيس کي دٻايو ويو جڏهن قومي هاڪي فيڊريشن جي ان وقت جي انتظاميا پڻ خاموشي اختيار ڪري ڇڏي جنهن سبب قومي هاڪي کي وڏو نقصان پهتو.

Bookmark the permalink.