تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ٺاروشاهه ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بازارن ۾ رش، لاڪ ڊائون جو سبب ڄاڻائي اگهه ٻيڻا، انتظاميا خاموش

ٺاروشاهه (ن پ ا) عيد ويجهو ايندي ئي بازارن ۾ رش وڌي وئي، عورتن ۽ ٻارڙن جا بازارن ۾ هجوم لڳل، حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پي نظر انداز، مهانگائي جون دانهون، غريب طبقو عيد جي خوشين کان محروم بڻيل، چونڊيل نمائندن توڙي سرندي وارن مان سندن ڪنهن به سار نه لڌي، غريب پورهيتن لاءِ عيد خواب بڻيل رپورٽ موجب ٺاروشاهه ۾ عيد ويجهو ايندي ئي بازان ۾ رش وڌي وئي آهي ريشم بازار، ڪامران سينٽر، شاهي بازار سميت ٻين مارڪيٽن ۾ عورتن مردن توڙي ٻارڙن جا عيد خريداري لاءِ هجوم لڳل آهن شهر جي ريشم بازار ۾ عورتن جو وڏو تعداد ڪپڙا، سينڊل، چوڙيون، ميڪ اپ، ٻارڙن جو سامان خريد ڪندي نظر آيون. جڏهن ته دڪاندارن لاڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي ڪپڙن سينڊل توڙي ٻين شين جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جنهنڪري خريدار مهانگائي جون دانهون ڪندي نظر آيا. ان سلسلي ۾ خريدار عورتن ڪنيز فاطمه، زڪيه بي بي، انبرين ناز، هميرا شاهين، بلقيس خاتون ۽ ٻين ٻڌايو ته عيد ويجهو ايندي ئي دڪاندارن لاڪ ڊائون جو سبب ڄاڻائي هر شيءِ جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب عيد خريداري نه ڪري سگهيا آهيون مجبورن رڳو ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪيا آهن جن جااگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ٻارڙن جو هڪ هزار وارو جوڙو ٻه هزار رپين ۾ به مشڪل سان ملي پيو. مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ مشڪل بڻجي وئي آهي جڏهن ته دڪاندارن نديم قريشي افضل ميمڻ، فرحان سومرو، فهيم ابڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته مهانگائي تمام وڌي وئي آهي لاڪ ڊائون سبب مارڪيٽون بند آهن جيڪو سامان اسان خريد ڪيون پيا اهو اڳئين سال کان تمام گهڻو مهانگو ملي رهيو آهي جنهن ڪري مهانگو وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون هنن چيو ته ڪورونا سبب هن دفعي عيد خريداري تمام گهٽ ٿي آهي جنهن ڪري اسان ڪمائي نه سگهيا آهيون جڏهن ته لاڪ ڊائون سبب متاثر غريب مزدور پورهيت طبقي نصير ابڙو، نصر الله سولنگي، اسد شاهه، ضمير ميتلو، ديدار شاهه، الياس مڱڻهار ۽ ٻين ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب ٻن مهينن کان بيروزگار ويٺل آهيون جنهنڪري ٻارڙن لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به خريد نه ڪري سگهيا آهيون هنن چيو ته بيروزگاري سبب پيٽ پالڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي عيد خريداري ڪرڻ خواب بڻجي ويو آهي جڏهن ته حڪومت توڙي سرندي وارن مان ڪنهن به اسانجي سار نه لڌي آهي جنهنڪري اسان عيد جي خوشين کان محروم بڻجي ويا آهيون هنن حڪومت توڙي سرندي وارن کان مطالبو ڪيو ته هن عيد تي سار لهي غريب طبقي کي به عيد خوشين ۾ شامل ڪيو وڃي جيئن غريب پورهيت طبقو به عيد خوشين ۾ شامل ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.