تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

وهاب رياض بال چمڪائڻ لاءِ ٿُڪ جو متبادل گھري ورتو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض بال چمڪائڻ لاءِ متبادل شئي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته بال چمڪائڻ فاسٽ بالر جي پهرين ترجيح آهي، اهو بال نه چمڪائيندو ته سوئينگ ڪيئن ڪندو ۽ جيڪڏهن بالرز سوئنگ نه ڪري سگھيا ته ڇا ڪري سگھندو؟ ٿُڪ سان بال چمڪائڻ تي پابندي جي حوالي سان وهاب رياض جو چوڻ آهي ته بالرن لاءِ اها پابندي ڏکيائين جو سبب بڻجندي، پر رانديگرن جي حفاظت لاءِ ائين ڪرڻو آهي ته بالرن لاءِ ڪنهن متبادل جي اجازت به ڏيڻ گھرجي. سن ڪريم هجي يا ڪا ٻي شئي ته جيئن بال کي چمڪائي سگھجي.هن چيو ته پگھر سان بال چمڪائڻ جو فائدو ته ٿيندو پر پگھر ٿُڪ جو متبادل ناهي، پگھر سان بال چمڪائڻ جو اوترو فائدو ناهي جيترو ٿُڪ سان ٿيندوآهي. وهاب رياض وڌيڪ چيو ته بال کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي پر ان جو پهرين تجربو ڪرڻو پوندو، اهو ڏسڻ لاءِ ته بال تي ڪهڙو اثر پوي ٿو. ڪورونا وائرس جي ڪري راند دوران رانديگرن جي جشن ملهائڻ جي حوالي سان به گائيڊ لائنز جوڙيون پيون وڃن، پر آئون سمجھان ٿو ته ان سان فرق نه پوندو. هڪٻئي سان هٿ نه ملائيندا يا ڳلي نه ملندا ته گھڻو مسئلو نه ٿيندو.

Bookmark the permalink.