تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

وقار يونس پاران آفريدي ۽ گنڀير کي تڪرار ختم ڪرڻ جو مشورو

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس، شاهد خان آفريدي ۽ گوتم گنڀير کي تڪرار ختم ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي رانديگرن کي هاڻي سمجهداري جو مظاهرو ڪندي جهيڙو ختم ڪرڻ گهرجي. هڪ انٽرويو دوران وقار يونس چيو ته بهتر ٿيندو ته ٻنهي رانديگرن کي ڪنهن هنڌ ملاقات جو انتظام ڪري پنهنجون شڪايتون ختم ڪرڻ گهرجن. ٻنهي وچ۾ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اها ويڙهه ڊگهي ٿي وئي آهي. واضح رهي ته 2007 ۾ ڪانپور ۾ کيڏيل ميچ دوران ٻنهي رانديگرن وچ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي جنهن بعد اهو جهيڙو لاڳيتو 13 سالن کان هلندو پيو اچي.

Bookmark the permalink.