تازا ترين
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

وسيم اڪرم ڪورونا وائرس دوران ڪرڪيٽ جي بحالي تي سوال اٿاري ڇڏيا

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي تي سوال اٿڻ شروع ٿي ويا. اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪپتان طرفان ڪنهن به قسم جي تڪڙ کان ڪم وٺڻ بدران مناسب وقت جو انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ هلندڙ سال آڪٽوبر، نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول آهي. ان جي ملتوي ٿيڻ جا ڊگها امڪان نظر اچي رهيا آهن. 28 مئي جي اجلاس ۾ ميگا ايونٽ جي حوالي سان فيصلو ملتوي ڪيو ويو جيڪو هاڻ 10 جون تي ٿيڻ جو امڪان آهي. وسيم اڪرم به ورلڊ ڪپ ڪرائڻ ۾ ڪنهن  به جلدبازي کان ڪم وٺڻ جي حق ۾ ناهي. هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان چيو آهي ته تماشائين کان سواءِ ڪنهن به عالمي ايونٽ جو منعقد ٿيڻ  مناسب ڳالهه ناهي.سڄي دنيا مان ايندڙ پرجوش شوقينن سان ڀريل اسٽيڊيم ڪنهن به ورلڊ ڪپ جو اصل حسن هوندو آهي. مقابلن جي لاءِ جيڪو ماحول گهربل هوندو آهي اهو بند دروازن جي پٺيان ميچ ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ آءِ سي سي کي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. لاڪ ڊائون ۽ سفري پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ مناسب وقت تي ڀرپور انداز ۾ ورلڊ ڪپ جو ميلو سجائڻ مناسب هوندو.هڪ سوال تي وسيم اڪرم چيو ته بال تي پِڪ لڳائڻ جي استعمال روڪڻ بابت بالرن جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. صرف پگهر استعمال ڪرڻ جي ڳالهه ناهي. آءِ سي سي کي هن مسئلي جو فوري طور تي حل ڪڍڻو پوندو. ياد رهي ته وڪس جي استعمال سميت مختلف تجويزون سامهون اچي رهيون آهن پر ان بابت اڃان تائين ڪوبه حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

Bookmark the permalink.