تازا ترين
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ملڪاڻي ۽ ڀرپاسي شاخن ۾ وارا بندي ڄاڻائي پاڻي بند، زراعت تباهه، پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو، لڏ پلاڻ

ملڪاڻي شريف ( رپورٽ: وشــــال ريٻاري) ملڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي شاخن ۾ وارا بندي ڄاڻائي پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب زراعت تباهه ٿي وئي آهي ۽ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو، رهواسي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن. ان ڏس ۾ آبپاشي سب ڊويزن خيرپورگنمبوھ جي عملدارن پاران شاخن جرڪس شاخ، کوسڪي، ٻنگار، آئلپور، باگو مائينر ۽ ٻين شاخن ۽ سانگي فراھو ريگوليٽر تي وارابندي ڄاڻائي شاخن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڄاڻايل شاخن تي سوين ايڪڙن تي پوکيل مرچ، ڦٽي ۽ چوپائي مال جو گاهه سڪي سڙڻ لڳو آهي ۽ ھزارين ايڪڙ زرخيز زمين پاڻي نه ملڻ ڪري پوکائي کان رھجي وڃڻ ڪري بنجر ٿي وئي آهي. پاڻي جي بندش سبب زرعي معشيت تباهه ٿي وئي آهي ۽ شاخن جي پڇڙين تي پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شاخن ۾ ايندڙ ڳوٺ زاھد گجر، مھراب چانڊيو، محمد بخش دلواڻي، جادم کوسو، ٻنگار فضل واڍو ۽ ٻين ڳوٺن جا ڳوٺاڻان کڏن ۾ بيٺل گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. گندو پاڻي پيئڻ ڪري ڳوٺن ۾ ھيپاٽائٽس، ڪاري ڪامڻ، ٽي بي پکڙجي وئي آهي ۽ ڪيترائي علائقي واسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. شاخن جي پڇڙين تي پاڻي نه پھچڻ ڪري زرعي طبقو پريشان ٿي بکون ڪاٽڻ لڳو آهي. ھاري ۽ زميندار ڪاٺيون وڪڻي پيٽ پالڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ لڏپلاڻ سبب خالي ٿي ويا آهن. ڳوٺاڻا پنھنجا اباڻا پڊ ڇڏي پيٽ پالڻ لاءِ ٻين ماڳن ڏانهن هليا ويا آهن، جنهن ڪري وسندڙ ويڙھا ويران ٿي ويا.

Bookmark the permalink.