تازا ترين
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءِ

ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو: فائنل ۾ دلچسپ دنگل

مقصودورند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ ٽي ٽين چيمپئن شپ موري جي ٽيم جي نانءُ، ان ڏس ۾ حامد فقير ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ايريا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سهڪار سان ٽورنامينٽ ڏيڍ مهينو جاري رهڻ بعد پڄاڻي تي پهتو. فائنل ۾ جيو ڀاڄي موري اليون پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 171 رنز جو حدف ڏنو. جواب ۾ رئيس بروهي اليون 110 رنز ٺاهي سگهي. جيو ڀاڄي موري اليون طرفان عبدالرزاق شاندار سنچري ٺاهي ۽ مين آف دي
ميچ رهيو. فاتح ٽيم کي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪاشف قريشي، پهلوان
رند، ايڊووڪيٽ ارسلان شيخ ۽ ٻين انعام ڏنا.

Bookmark the permalink.