تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مقصودو رند ۾ لاڪ ڊائون سبب هوٽل مالڪ ۽ مزدور فاقاڪشي ۾ مبتلا

مقصودورند (رپورٽ بهادر رند) مقصودورند ۾ هوٽل مالڪن ۽ مزدورن ايس او پيز تحت هوٽل کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مسلسل ٻن مهينن کان مٿي لاڪ ڊائون سبب اسان جا هوٽل بند هئا اسان مسلسل بيروزگاري واري زندگي گذاريندي بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويا آهيون اهڙو اظهار هوٽل مالڪن عبدالحڪيم رند، ڏاڏو گلڻ رند، غلام رسول رند، عاشق شيخ، رياض رند ۽ ٻين هتي نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مسلسل اڍائي مهينا هوٽل بند هجڻ ڪري اسان هر مهيني مسواڙون ادا ڪندا آهيون مسلسل اڍائي.مهينن کان اسان جا هوٽل بند آهن تنهن ڪري هوٽلن تي ڪم ڪندڙ روزانو ڪمائيندڙ پورهيت مزدور طبقو بک بدحالي جي طرف وڃي چڪو آهي مٿان ٻن ڏينهن اندر عيد الفطر اچي رهي آهي هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ملڪ ۽ سنڌ اندر سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز کلي ويا آهن پر اسان کي هوٽل کولڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي جيڪا ناانصافي آهي اسان جون ۽ اسانجي مزدورن جون معاشي حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي چڪيون آهن هنن مطالبو ڪندي وس وارن کي اپيل ڪئي ته عيدالفطر تي ايس اوپيز تحت هوٽلون کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن اسان ۽ اسان جو مزدور پورهيت طبقو پنهنجي روزي ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.