تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

مقصودو رند ۽ ڀرپاسي سورج مکيءَ جو فصل تيار

مقصودورند (ن پ ا) مقصودورند ۽ ڀرپاسي ۾ سورج مکي جو فصل ڦولارجڻ بعد تيار. مقودورند ۽ ڀرپاسي جي علائقن ملدسي لنڊو شريف ڳوٺ خان رند ۽ ڀرپاسي جي مخصوص هنڌن ۾ پوکيو ويندڙ سورج مکي ڊالڊا تيل جو فصل مڪمل طور تي تيار ٿي ڦولارجڻ شروع ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ آبادگارن چوڌري عبدالمجيد آرئين، دلاور خان رند، چاچا امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هي سورج مکي تيل ڊالڊا جو فصل مخصوص هنڌن تي پوکيو ويندو آهي. هن فصل ۾ خاصيت اها آهي جو هن فصل جو ڪو مقرر وقت ناهي هوندو. بس شرط اهو آهي ته پاڻي هجي پوءِ هي فصل سال ۾ ڪنهن وقت به ڪاهي سگهجي ٿو. هي فصل ڪڻڪ ۽ سرنهن جي فصل جيان زمين کي کيڙي ان جي ٻج جي باڙي ڪئي ويندي آهي هي فصل اڪثر لاڙ پٽي جي علائقن ۾ ٿيندو آهي. آبادگارن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته في ايڪڙ 10 کان 15 في مڻ جي وچ ۾ جي حساب سان هي فصل لهندو آهي هن فصل جي لڻڻ بعد هن جي گلن ۾ پيل داڻن کي ڪٽي ان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري جديد طريقي سان ٿريشر يا ماضي واري روايت تحت هٿن سان ان داڻن کي ڪٽي ان جو ڳاهه ڳاهبو آهي پوءِ ان جو تيل پيڙهائبو آهي پوءِ تيل وڪرو ٿيندو آهي هنن چيو ته هن فصل ۾ محنت تمام گهڻي آهي. واضح رهي ته هي فصل مارڪيٽ ۾ 10 کان 12 هزار رپيا في مڻ جي حساب سان وڪرو ٿيندو آهي.

Bookmark the permalink.