تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

مصباح الحق تي نوازشون، پي سي بي وڌيڪ اهم ذميواري ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران چيف سليڪٽر مصباح الحق کي هڪ ٻي اهم ذميواري به ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ جي فيصلي جو اختيار به هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق وٽ هوندو. نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ گرانٽ بريڊ برن سيپٽمبر 2018ع کان پاڪستاني ٽيم جي فيلڊنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀائي رهيو هو، جنهن جي هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ مقرري جي ڪري فيلڊنگ ڪوچ جو عهدو خالي ٿي ويو آهي. نئين فيلڊنگ ڪوچ جي مقرري جا سمورا معاملا مصباح الحق /ڏسو صفحو 7 بقايا 43
ڏسندو ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو ته فيلڊنگ ڪوچ ڏيهي هجي يا پرڏيهي؟ يا وري ڪو اڪيڊمي ڪوچ ئي فيلڊنگ جا معاملا ڏسندو؟ ذريعن موجب مصباح الحق پاران اڪيڊمي ڪوچ کي سپورٽنگ اسٽاف ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي. امڪان آهي ته فيلڊنگ ڪوچ عبدالمجيد کي سپورٽنگ اسٽاف ڪوچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.