تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

محرابپور ۾ مهانگائي سبب پورهيت عيد خريداريءَ کان محروم

محرابپور (ن پ ا) عيد مسلمانن لاءِ خوشي جو وڏو تهوار آهي ان ڏڻ کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ لاءِ ڪجهه شئين جي خريداري جو هجڻ پڻ ضروري آهي ملڪ اندر لاڪ ڊائون بعد پيدا ٿيل مهانگائي واري صورتحال سبب شهرين توڙي دڪاندارن کان عيد جون خوشيون ۽ خريداري ڄڻ ته موڪلائي وئي هجي، سخت مهانگائي سبب پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي مک تي عيد جي خوشين بدران پريشاني جا آثار واضح نظر اچي رهيا آهن مهانگائي سبب دڪاندارن شئين جا اگهه ٻيڻا ڪري غريبن کان خريداري جو حق کسي ورتو آهي ان ڏس ۾ شهر جي شاهي بازار، مينا بازار، عمر ڪلاٿ مارڪيٽ سميت ٻين بازارن ۾ خريداري لاءِ آيل لطف علي شيدي، جمال دين مغل، محمد پنهل ڪنڀر ۽ ٻين شهرين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ اندر لاڪ ڊائون بعد مهانگائي جي آيل طوفان محرابپور واسين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وڌو آهي روزمره جي استعمال جي شين جا اگھ وڌڻ سان گڏوگڏ ڪپڙن، جوتن ۽ ڪاسميٽڪس جي شين جا اگهه پڻ ٻيڻا ٿي ويا آهن جنهن سبب اسان غريب شهري عيد جو مذهبي تهوار ڀرپور نموني سان ملهائڻ کان قاصر آهيون هوڏانهن بازارن ۾ ڪپڙا، جوتا، ڪاسميٽڪس سميت ٻيو سامان وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پنهنجي اخبار سان ويچاريندي چيو ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پوري ملڪ جيان محرابپور ۾ لاڪ ڊائون ٿي وڃڻ ڪري اسان کي ٻاهران ايندڙ سامان مهانگي اگهه تي ملي ٿو. هتان جي سڄاڻ ڌرين وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي سرڪار ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي مٿان ضابطو آڻي ته جيئن هن ملڪ جو غريب عوام عيد جون خوشيون ڀرپور نموني سان ملهائي سگهي.

Bookmark the permalink.