تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مئٽرڪ جي شاگردياڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، دادو ۾ مظاهرو

دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي جي وارثن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ ڪرم علي کوسو جي رهواسين صوبيا کوسو، محمد خان کوسو، آڍو کوسو ۽ ٻين چيو ته 2 مهينا اڳ جوابدارن مئٽرڪ جي شاگردياڻي صبحانخاتون کوسو کي قتل ڪيو هو، جنهن جا اڃا تائين پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا. هنن چيو ته ڪيس جي جاچ جي سي آءِ اي سب انسپيڪٽر طارق کهرو حوالي ڪئي وئي آهي جيڪو ساڻن ملڻ لاءِ تيار نه آهي، ههنن چيو ته قتل ڪيس ۾ گهربل 6 ڄڻن فدا حسين، ماجد، شيرل، گدا حسين، حاڪم ۽ رياض کوسو مان  صرف هڪ جوابدار ماجد پاڻ گرفتاري ڏني آهي، جڏهن ته پوليس مک جوابدار فدا حسين سميت 4 جوابدار گرفتار نه پئي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.