تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڪ ڊائون سبب فروٽ وڪرو ڪرڻ تي مجبور بابر اعظم جي ڪوچ رانا صادق جي قسمت کلي وئي

لاهور: (اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپرليگ(پي ايس ايل) جي فرنچائز لاهور قلندر جي انتظاميه بابر اعظم جي ڪوچ رانا صادق جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.تفصيل موجب لاڪ ڊائون سبب فروٽ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿيندڙ بابر اعظم جي ڪوچ رانا صادق جي قسمت کلي وئي آهي. پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندر جي انتظاميه ان جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. کيس اهم ذميواري ڏئي ڳرو معاوضو پڻ ڏنو ويندو، رانا صادق جي فروٽ وڪرو ڪرڻ جي خبر ٻه ڏينهن اڳ ميڊيا جي زينت بڻجي هئي. رانا صادق لاهور جي ڪارسن گرائونڊ ۾ 2 رجسٽرڊ ڪلبن ۾ ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندو هو پر ڪورونا وائرس سبب راندين جون سرگرميون معطل ٿي ويون هيون جنهن کان پوءِ هن ڳڙهي شاهو بازار ۾ فروٽ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿيو. لاهور قلندر جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته اسان ايج گروپ ۾ ٻارن جي ٽريننگ لاءِ رانا صادق جون خدمتون حاصل ڪنداسين. هن چيو ته اسان جو رانا صادق سان رابطو آهي کيس جلد ئي اهم ذميواري ڏني ويندي.

Bookmark the permalink.