تازا ترين
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

لاڪ ڊائون سبب ثانيه مرزا پريشاني ۾ ورتل آهي: ڀارتي ميڊيا

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي زال ثانيه مرزا لاڪ ڊائون سبب گهر تائين محدود آهي، جڏهن ته شعيب ملڪ سيالڪوٽ ۾ موجود آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيه مرزا هڪ ٽوئٽ ڪيو هو ته خبر ناهي ته اذهان ڪڏهن پنهنجي پيءُ شعيب ملڪ سان ملي سگهندو، اهڙي ٽوئٽ بعد ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ثانيه مرزا ذهني پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس متاثرن جي مدد لاءِ ثانيه مرزا سوشل ميڊيا تي سرگرم نظر اچي ٿي پر هن ڀارتي ميڊيا جي خبر تي رد عمل ظاهر ناهي ڪيو.

Bookmark the permalink.