تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڙڪاڻي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو راشن نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو ( رپورٽ نادر ابڙو )لاڙڪاڻو مسلسل لاڪ ڊائون دوران ٽرانسپورٽ بند هجڻ ڪري ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن کان ٽيڪسي ڊرائيور وسري ويا، راشن توڙي مالي سهائتا نه ٿيڻ ڪري جهولي جهلي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڊرائيور عبدالعزيز بروهي، علي اڪبر چانڊيو، امان الله ملگاڻي، محرم /علي سولنگي، ذوالفقار علي ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته اڄ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون ۾ ٽرانسپورٽ مڪمل بند هئڻ ڪري عيدالفطر اچي پهتي آهي اسان جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي جنهن ڪري 2 سو کان وڌيڪ ڊرائيور بي روزگاري سبب بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون اسان جون گاڏيون نٽھڻ اُسن تي سڙي رهيون آهن، اسان کي روزگار نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. نه وري لاڪ ڊائون واري ڏينهنن ۾ اسان وٽ ڪو ضلعي انتظاميا جو آفيسر نه ئي ڪنهن چونڊيل نمائندن اسان جي سار سنڀال لڌي آهي اسان کي هن ڏکي گهڙي ۾ وساري ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن سنڌ سرڪار ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي راشن ۽ مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهجي ٻچن سان عيد ڪري سگهئون.

Bookmark the permalink.