تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

فيض گنج تعلقي ۾ گرائونڊن جي کوٽ: رانديگر رستن ۽ گهٽين ۾ کيڏڻ تي مجبور

فيض گنج (رپورٽ رياض سولنگي) فيض گنج تعلقي ۾ راندين ڪرڻ لاءِ ڪوبه سرڪاري گرائونڊ موجود نه آهي ڪرڪيٽ جا رانديگر خالي پلاٽن اسڪولن اڳيان قائم گرائونڊن روڊن رستن تي راند ڪرڻ تي مجبور آهن ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختياتين کي شڪايتون ڪرڻ باوجود رانديگرن کي گرئونڊ ملي نه سگهيو آهي رپورٽ موجب فيض گنج تعلقو ٻن ٽائون ڪاميٽن ۽10يونين ڪائونسلن تي مشتمل تعلقو آهي خيرپور ضلح جي پڇڙي وارو تعلقو آهي فيض گنج تعلقي ۾ مختلف راندين ڪرڪيٽ والي بال جا رانديگر وڏي انگ ۾ موجود آهن ان کان علاوهه تعلقي ۾َملهه راند ڪوڏي ڪوڏي راند جا رانديگر به موجود آهن پر ان باوجود خيرپور ضلح جي سمورن تعلقن کان وڌيڪ ايراضي رکندڙ هن تعلقي جي رانديگرن کي راند ڪرڻ لاءِڪوبه سرڪاري گرائونڊ مليل نه آهي ڪوبه سرڪاري گرائونڊ نه هجڻ ڪري رانديگر ڪرڪيٽ يا والي بال راند خالي پلاٽن توڙي اسڪولن اڳيان قائم ميدان تي ڪرڻ تي مجبور آهن ڪيترائي ڀيرا هتان جي رانديگرن چونڊيل نمائندان ايم پي اي ايم اين اي سميت لاڳاپيل اسپورٽ کاتي جي اختيارين کي شڪايتون ڪندي گرائونڊ ڏيڻ جا مطالبا به ڪيا آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به غور نه ڪيو آهي ان سلسلي ۾ هتان جي رانديگرن حسين بخش سولنگي نبي بخش سبحان علي ۽ٻين رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته فيض گنج تعلقي۾ ڪرڪيٽ راند جا رانديگر وڏي انگ ۾ موجود آهن هتي وڏيون وڏيون ٽورنا منٽون ڪرايو وينديون آهن پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هن تعلقي جي رانديگر جي راند ڪرڻ لاء ڪوبه گرائونڊ موجود نه آهي هنن چيوته هتان جي رانديگرن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آهي جيڪي /ڏسو صفحو 7 بقايا 42
صوبائي سطح تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ راندين ۾ حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن هنن چيوته ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندان سميت اسپورٽ کاتي کي گرائونڊ ڏيڻ لاء لکت ۾َشڪايتون ڪيون پر ڪنهن به رانديگرن کي گرائو نڊ وٺي ڏيڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا آهن هنن چيوته گرائونڊ نه هجڻ ڪري خالي زمين اسڪولن اڳيان پيل ميدانن توڙي روڊن رستن کي رانديگر راند ڪرڻ تي مجبور آهن هنن چيوته هن وقت ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون هجڻ ڪري راندين جون سرگرميون محدود ٿي ويون آهن پر کوء به رانديگر ايس اوپيز تي عمل ڪندي ٻهراڙي وارن ڳوٺن ۾َراند ڪن ٿا هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته فيض گنج تعلقي جي رانديگرن کي سرڪاري گرائونڊ فراهم ڪيو وڃن ته جئين رانديگر کلي طرح سان راند ڪري پنهنجي ٽيلنٽ جي حوالي سان خيرپور توڙي سنڌَجو نالو روشن ڪن

Bookmark the permalink.