تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

عمر اڪمل 2023ع تائين راندين جي سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهندو: تفصيلي فيصلو جاري

جسٽس (ر) فضل ميران چوهاڻ پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي عمر اڪمل تي 3 سالن جي پابندي لاڳو ڪئي آهي: تفصيلي فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. تفصيلي فيصلي موجب جسٽس ريٽائرڊ فضل ميران چوهاڻ پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ۾ شامل ٻنهي چارچز جي ڀڃڪڙي تي عمر اڪمل تي 3 سالن جي پابندي لاڳو ڪئي آهي، جيڪا 20 فيبروري 2020ع يعني ڪرڪيٽر جي معطلي واري ڏينهن کان لاڳو هوندي، نااهلي جو مدو گڏ هلندو، جڏهن ته عمر اڪمل هاڻي 19 فيبروري 2023ع تي ٻيهر ڪرڪيٽ جي سرگرمين ۾ شرڪت جو اهل هوندو. تفصيلي فيصلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمر اڪمل تي 2 مختلف واقعن ۾ پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي ڀڃڪڙي تي 17 مارچ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو هو . اينٽي ڪرپشن ٽربيونل آڏو پيشي جي درخواست نه ڏيڻ تي پي سي بي عمر اڪمل جو معاملو 9 اپريل تي ڊسپلنري پينل کي معاملو موڪليو هو. ڊسپلنري پينل جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ فضل ميران چوهاڻ تفصيلي فيصلي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ظاهر آهي عمر اڪمل شرمسار آهي نه ئي پنهنجي غلطي تي معافي وٺڻ لاءِ تيار آهي، اهو عمل تصديق ڪري ٿو ته عمر اڪمل پي سي بي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ريمارڪس ۾ چيو ويو آهي ته رابطن بابت پي سي بي جي ويجلنس اينڊ سيڪيورٽي ڊيپارٽمينٽ کي دير سان ٻڌائڻ ۾ ناڪامي جو اعتراف کي نظر ۾ رکندي عمر اڪمل تي لاڳو الزام ثابت ٿيا. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جارچ نمبر 2 ۾ عمر اڪمل پي سي بي جي ويجلنس اينڊ سيڪيورٽي ڊيپارٽمينٽ کي پي ايس ايل 2020ع جي ميچن ۾ ضابطن تحت بدعنواني ۾ ملوث هئڻ بابت رابطن ۾ تفصيل ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.
عمر اڪمل سان ڪنهن رابطو ڪيو، فيصلي ۾ نالو ڇو شامل ناهي؟
لاهور: ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪيس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي عمر اڪمل سان فڪسنگ لاءِ رابطو ڪندڙن خلاف جاچ جاري آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي سي بي جي جاچ جاري هئڻ سبب عمر اڪمل ڪيس جي تفصيلي فيصلي ۾ ساڻس رابطو ڪندڙ بڪيز جا نالا شامل ناهن. بورڊ جو چوڻ هو ته پي سي بي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ جاچ ادارن جي سهڪار سان جاچ ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان عمر اڪمل کي آڇ ڪندڙن بابت ڄاڻ به ڏني وئي آهي. عمر اڪمل کي 2 مختلف واقعن ۾ 2 ماڻهن لاهور ۾ ميچ فڪسنگ جي آڇ ڪئي هئي.واضح رهي ته ڪرڪيٽر عمر اڪمل ڪيس جو تفصيلي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت عمر اڪمل تي 3 سال پابندي برقرار آهي، پابندي ۾ معطل سزا کي شامل ناهي ڪيو ويو، عمر اڪمل 14 ڏينهن اندر اپيل جو حق رکي ٿو. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ عمر اڪمل تي بڪيز سان رابطو الزام لڳائي کيس معطل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪامران اڪمل عمر اڪمل جي بيگناهي جي دعويٰ ڪندي چيو هو ته هو جلد بري ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.