تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عمر اڪمل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي معيار جهڙو نه هو، سدائين غلطيون ڪندو هو: مڪي آرٿر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر عمر اڪمل تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمر اڪمل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي معيار جي ويجهو به نه هو. هن چيو ته عمر اڪمل جتي ويندو هو، ڪو نه ڪو مسئلو ٿيڻ جو خدشو رهندو هو، عمر اڪمل سدائين پنهنجن غلطين جو ملبو ٻين تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مڪي آرٿر چيو ته عمر اڪمل ۾ ٽيلينٽ هو، پر هو ٽيم ڪلچر ۾ فٽ نه هو، قصور عمر اڪمل جو آهي، ٽيم سسٽم جو نه هو. هن چيو ته عمر اڪمل ڪڏهن به ٽيم جو ناهي سوچيندو، سدائين پنهنجي باري ۾ سوچيندو آهي، جنهن جو کيس نقصان به ٿيندو رهيو آهي. مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته بابر اعظم بهترين ۽ محنتي ڪرڪيٽر آهي، سندس مستقبل روشن آهي.

Bookmark the permalink.