تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

علي ظفر طرفان کدڙن فقيرن ۾ راشن ورهايو ويو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڏکئي وقت ۾ ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ ماڻهو پريشان آهن. ان ڏس ۾ پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي مشهور ڳائڻي علي ظفر جي ڪميونٽي سرورس آرگنائزيشن علي ظفر فائونڊيشن لاهور جي کدڙن فقيرن ۾ راشن ورهايو. ٽوئٽر تي علي ظفر “علي ظفر فائونڊيشن” طرفان کدرن فقيرن ۾ ورهايل راشن جي وڊيو شيئر ڪئي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ علي ظفر چيو ته اسان کدڙن فقيرن ۾ راشن ورهايو جنهن کانپوءِ مان اهو سوچي رهيو آهيان ته اسان هيل تائين کدڙن کي معاشري ۾ برابري جو مقام ڏيڻ لاءِ اپاءَ ڇو ناهن ورتا ويا. ڳائڻ يچيو ته جيڪڏهن اسان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا ۽ پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي هي زنجيرون ٽوڙڻيون پونديون ۽ سڀني کي برابر حق ڏيڻا پوندا.

Bookmark the permalink.