تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

صحافي جمال خاشقجي جي پٽ والد جي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي صحافي جمال خاشقجي جي پٽ پيءُ جي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو. ترڪي ۾ سعودي قونصل خاني مان اغوا بعد قتل ڪيل سعودي صحافي جمال خاشقجي جي پٽن والد جي قاتلن کي معاف ڪيو. واضح رهي ته صحافي جمال خاشقجي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري بيدري سان ماريو ويو هو. صحافي جمال خاشقجي جي پٽ صالح پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان شهيد والد جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا، مقدس رات تي اسان جي ذهنن ۾ آيت اچي ٿي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن کي معاف ڪري ڇڏي ۽ مفاهمت ڪري ته ان جو اجر الله پاڪ ڏيندو آهي. ان ڪري اسان والد جي قاتلن کي معاف ڪريون ٿا.

Bookmark the permalink.