تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

شعيب ملڪ سان لاڳاپو ڪيئن ٿيو؟ ثانيا مرزا سڀ ٻڌائي ڇڏيو!

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي شادي ۽ لاڳاپن بابت راز تان پردو کڻندي مڙس شعيب ملڪ جي واکاڻ ڪئي آهي. هڪ پاڪستاني صحافي کي انٽرويو ڏيندي ثانيا مرزا پنهنجي مڙس شعيب ملڪ کي ان رومانٽڪ انسان به قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته شروعاتي طور تي شعيب ملڪ سان لاڳاپا ٿيا، ان کانپوءِ ساڻس رشتو ٿيو. هن ٻڌايو ته شعيب ملڪ دل جو سچو آهي ۽ هن ڪجھه ئي وقت ۾ مون کي چيو ته هو مونسان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان معاملي ۾ گھر وارن سان به ڳالهائيندو. هن ٻڌايو ته شعيب ملڪ مونکان ڪا ڳالهه نه لڪائي، سندس سچائي سان ئي اسان جو لاڳاپو ۽ رشتو پيار ۾ بدلجي ويو ۽ اسان شادي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.