تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

شاهه لطيف يونيورسٽي مالي بحران جو شڪار، 500 ملازم پگهارن کان محروم

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) لطيف سرڪار جي نالي سان قائم مادر علمي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مبينا انتظامي لاپرواهيءَ سبب سنگين مالي بحران جي ور چڙهي وئي آهي، حڪومت طرفان عيد کان اڳ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ وارن واضح حڪمن باوجود 200 کان وڌيڪ پروفيسرز، ايسوسيئيٽ پروفيسرز سميت استادن، 200 کان وڌيڪ آفيسرن ۽ 500 کان وڌيڪ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ليڪچررز سميت ٻئي عملي کي پگهارون ناهن ملي سگهيون، جنهن ڪري انهن مان اڪثريت خاندان عيد خريداري توڙي مالي مشڪلاتن سبب سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر اختيار علي گهمرو، پروفيسر امير علي چانڊيو توڙي ملازمن يونين جي اڳواڻن پاران يونيورسٽي اندر مبينا طور تي ڪرپشن، پنهنجا نوازي ۽ شاهي خرچن سبب يونيورسٽيءَ ۾ مالي بحران پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ انتظاميا جي نااهليءَ سبب ئي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي پگهارون ناهن ملي سگهيون، جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ ملازمن کي پگهارون ڏيڻ سان گڏ ٻيا مسئلا به حل ڪيا ويا آهن، پر هِتان جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ سبب ملازم ڀلاري ڏهاڙي تي به مشڪلات جي ور چڙهيل آهن، تنهن ڪري سلوٽا جي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ويندي ۽ يونيورسٽي انتظاميا جي نااهليءَ خلاف عيد واري ڏهاڙيءَ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. اِن ڏس ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پروفيسر تاج محمد لاشاريءَ جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي جي ڪل آمدني اٽڪل 1500 ملين آهي جنھن مان 1350 ملين پگهارن جا آهن. ھن وقت تائين مڪمل پگهارون ۽ پينشن ڏيئي چڪا آهيون. صرف ھن مھيني سنڌ حڪومت کان پئسا نه ملڻ جي ڪري ايڊوانس عيد پگهارون نه ڏيئي سگھياسين. ان صورتحال ۾ ليو انڪيشمنٽ ڪٿان ڏيون. يونيورسٽي بھتري طرف وڃي رھي آھي ۽ انشاء الله ٻن ٽن مهينن اندر مالي بحران مان نڪري ايندا سين.

Bookmark the permalink.