تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

سڪرنڊ ۾ ٻن عورتن جون پوليس کي ڏسي دانهون، مڙسن تي مبينا اغوا بعد زوري شادي ڪرڻ جو الزام

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهون گدارو جي رهواسڻ شادي شده عورتون ٻن معصوم ٻارن سميت سڪرنڊ پوليس وٽ پهچي ويون، عورتن پاران مڙسن تي مبينا اغوا ڪري زوري شادي ڪرڻ جو الزام، عورتن پاران پوليس کي ڏسي دانهون شروع ڪري مدد جي اپيل، سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پنهون گدارو جون رهواسڻ ٻه عورتون صائمه راجپوت زال علي رضا گدارو، مسرت ملاڻو زال شهزاد گدارو دوا جي بهاني مڙسن سان گڏ نجي اسپتال پهتيون جتي مسرت ملاڻو مائٽن سان رابطو ڪيو جنهن سڪرنڊ پوليس کي اطلاع ڏنو، سڪرنڊ پوليس ليڊيز پوليس ساڻ ڪري نجي اسپتال پهتي، ٻنهي عورتن پوليس کي ڏسي دانهون ڪيون، جنهن بعد پوليس ٻنهي عورتن ۽ سندس آيل مڙسن کي گرفتار ڪري ورتو، حيدرآباد لطيف آباد مان 5 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل صائمه راجپوت ٻڌايو ته مونکي علي گوهر ۽ سندس ٻن ساٿين اغوا ڪري علي رضا سان زوري شادي ڪرائي جنهن بعد هو تشدد پڻ ڪندا رهيا، آئون واپس مائٽن ۾ وڃڻ چاهيان ٿي، جڏهن ته ٻي عورت مسرت ملاڻو زال شهزادو جو چوڻ آھي ته آئون اصل گاجي کھاوڙ نصير آباد جي رهاڪو آهيان آئون شادي شده آھيان 8ٻار آهن آئون ڪراچي گلشن حديد ۾ پنهنجن ڀائرن ڏانهن گهمڻ ويس مونکي علي گوهر ۽ سندس ساٿين اغوا ڪري زوري شهزادي گدارو سان شادي ڪرائي آئون هاڻي پنهنجن مائٽن ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي جڏهن ته الزام هيٺ آيل علي رضا ٻڌايو ته صائمه راجپوت ڏيڍ لک ۾ خريد ڪئي آھي حيدرآباد جي هڪ ايجنٽ کان جنهن سان مون شادي ڪئي آهي جڏهن ته الزام هيٺ آيل شهزادو گدارو ٻڌايو ته پاڻ مصرت ملاڻو فون تي ڏيڊ سال اڳ رابطو ڪيو هو، اسان اغوا ناهي ڪيو. جڏهن ته سڪرنڊ پوليس جي سٽي انچارج قربان لاکو ٻڌايو ته اسان اطلاع تي سڪرنڊ جي نجي اسپتال پهچي عورتن کي تحويل ۾ ورتو آهي الزام هيٺ آيل مردن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي گرفتار ڪيل عورتن ۽ مردن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.