تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

سچ ڳالهائڻ سبب مون کي ڪپتاني تان هٽايو ويو: يونس خان جو انڪشاف

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته سچ ڳالهائڻ سبب مون کي ڪپتاني تان هٽايو ويو مون ملڪ جي لاءِ صلاحيتن موجب 100 سيڪڙو ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ رانديگرن جي هڪ گروپ جي نشاندهي ڪئي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن زندگي ۾ اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جو ڳالهايون ته اسان کي چريو چيو ويندو آهي. منهنجو قصور اهو آهي ته 6 کان 7 رانديگرن جي هڪ گروپ جي نشاندهي ڪئي جيڪي ميدان ۾ ملڪ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو بهترين استعمال نه ڪري رهيا هئا. ان کان پوءِ يونس خان چيو ته  اهڙين ڳالهين کان  پوءِ انهن رانديگرن مون سان ڏک جو اظهار به ڪيو ۽ مان انهن سان گڏ کيڏندا به رهياسين. مون کي خبر هئي ته مون ڪجهه به غلط نه ڪيو آهي ڇو ته مان پنهنجي پيءُ کان اهوئي سکيو آهي ته هميشه سچ ڳالهايو ۽ عاجزي سان پيش اچو.

Bookmark the permalink.