تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

سرفرازجي قسمت تبديل نه ٿي:سينٽرل ڪانٽريڪٽ۾به تنزلي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد جي نئين سينٽرل ڪانٽرڪٽ جي اي ڪيٽيگري مان ٻاهر ٿي ويو، سندس معاوضو ۽ مراعتون نه گهٽائڻ جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد جي نئين سينٽرل ڪانٽرڪٽ جي اي ڪيٽيگري مان ٻاهر ٿي ويو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سال 21-2020 لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ رانديگرن جي مراعتن ۽ معاوضي ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي بورڊ جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڪاميٽي جنهن ۾ چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان ڊائريڪٽر انٽرنيسنل ذاڪر خان ۽ هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق شامل آهن، جنهن نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ نالن کي حتمي شڪل ڏني آهي. اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد جيڪو نه رڳو ڪپتاني ۽ قومي ٽيم جي ڪنهن فارميٽ جي ٽيم ۾ شامل ناهي پر کيس سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري کان ٻاهر ڪيو ويو آهي، پهرين سرفراز احمد، ٽي 20 ڪپتان بابر اعظم ۽ ليگ اسپنر ياسر شاهه سان گڏ اي ڪيٽيگري جو حصو هو، پر سندس ڪارڪردگي خراب ڄاڻائي سرفراز احمد کي سي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. ياد رهي ته 18 آڪٽوبر 2019ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اظهر علي کي قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو، جڏهن ته قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني بابر اعظم حوالي ٿيل آهي.

Bookmark the permalink.