تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

سجاول جوڻيجو: پوليس جي گهر تي چڙهائي، ڀڃ ڊاهه، ڳوٺاڻن جو احتجاج

سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ عرض محمد جلباڻي ۾ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺاڻي غلام علي جلباڻي، سڪندر جلباڻي، علي شير ۽ محمد جان جلباڻي جي گھرن تي چڙھائي ڪئي. پوليس کي ايندي ڏسي گھر ڀاتي گرفتاري جي ڊپ کان فرار ٿي ويا، جنھن بعد پوليس ڄاڻايل گھرن اندر ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد ڦرلٽ ڪندي سامان کڻي وئي، پوليس جي اھڙي زيادتي خلاف ڳوٺاڻن طرفان بااثر وڏيري غلام شبير جلباڻي ۽ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سڪندر جلباڻي، محمد صادق محمد رمضان علي شير جلباڻي ۽ ٻين چيو ته وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جو ايس ايچ او بااثر وڏيري جي ونگار وھندي رشوت وٺڻ عيوض زمين تي قبضي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان سان زيادتي ڪئي آھي ھنن وڌيڪ چيو تـ پوليس گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان داخل ٿي گھرن مان ڦرلٽ ڪندي اسان جا 13 ڍور ٻه موٽرسائيڪلون لائسنس واري بندوق سولر جون پليٽون بيٽريون سٺي نسل جو تتر ۽ ٻيو سامان پاڻ سان ساڻ کڻي وئي آھي ھنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کان وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس جي زيادتي جو نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي ايس ايچ او لياقت سولنگي ٻڌايو سڪندر جلباڻي واري ڌر جي مٿان غلام شبير جلباڻي جي زمين تي زبردستي قبضي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

Bookmark the permalink.