تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ساڪري ۾ پوليس اهلڪار کي ڪورونا وائرس جي تصديق

ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ پوليس اهلڪار کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جيڪو گھر ۾ آئسوليٽ ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ميرپور ساڪري مان ٻه ڏينهن اڳ ساڪري ٿاڻي جي 39 ڄڻن جا سمپل ورتا ويا، جن مان ھڪ پوليس اھلڪار منيراحمد ڪلمتي جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو آئي آهي، جنهن کي سندس گھر ۾ ئي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 38 ڄڻن جون ڪورونا رپورٽون نيگٽيو آيون آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساڪروٿاڻي جي اي آيس آءِ کي پڻ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ھئي ھاڻي انگ وڌي ٻه ٿي ويو آهي.

Bookmark the permalink.