تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

سائوٿ ايشين گيمز: 3 پاڪستاني ايٿليٽس جا ڊوپ ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جو انڪشاف

لاهور(اسپورٽس نيوز)  سائوٿ ايشين گيمز نيپال ۾ شرڪت ڪندڙ 3 پاڪستاني ايٿلٽس جا ڊوپ ٽيست پازيٽو اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب هنن ايٿليٽس مان ٻن ڄڻن سون جا ۽ هڪ برائز ميڊل کٽيو هو. ايٿليٽڪس فيڊريشن جي ذريعن ڊوپ ٽيسٽ اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر نالن کي ڳجهو رکيو پيو وڃي. هنن ايٿليٽس جي خلاف جاچ ڪميٽي جوڙي ويندي. جتي هنن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.طاقت وارين دوائن جي استعمال تي جاچ ڪميٽي کي مطمئن نه ڪرڻ کان پوءِ کين قائدن تحت 4 سالن جي پابندي کي منهن ڏيڻو پوندو. ڊسمبر ۾ کٽمنڊو، نيپال ۾ ٿيندڙ ان ڪيمره ۾ پاڪستان گڏيل طور تي 132 ميڊلز حاصل ڪيا هئا جن مان 32 سون، 41 چاندي ۽ 59 برائز ميڊل شامل هئا.

Bookmark the permalink.