تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

راز فاش ٿا ٿين: عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل اختلافن جي ور چڙهي وئي، اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ملتوي

دبئي(م ڊ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ورلڊ ٽي 20 ملتوي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي فيصلي لاءِ ٿيندڙ بورڊ اجلاس رازداري نه رهڻ تي ملتوي ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب آءِ سي سي جو بورڊ اجلاس ڪالهه دبئي ۾ ٿيڻو هو جنهن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۽ ٻيا اهم فيصلا ٿيڻا هئا پر ورلڊ ڪپ بابت خبرون ليڪ ٿيڻ تي بورڊ جي ڪيترن ئي ميمبرن اعتراض ڪيو جنهن بعد اجلاس جي ايجنڊا مان ورلڊ ٽي 20 جو معاملو ئي ملتوي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا ۾ راندين جون سرگرميون معطل آهن ان سلسلي ۾ ڪرڪيٽ جو ٽي20 ورلڊڪپ جيڪو آسٽريليا ۾ ٿيڻو آهي اهو منعقد ٿيندو يا نه ٿيندو اهو فيصلو به آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ ٿيڻو هو جنهن بابت خبرون ليڪ ٿي ويون آهن جنهن ڪري هاڻ اهو فيصلو نه ٿي سگهندو. هاڻ اهو فيصلو 10 جون تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ خبرون ليڪ ٿيڻ جي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. 10 جون تي آءِ سي سي جي ايندڙ چيئرمين بابت به ويچاريو ويندو. راز فاش ٿيڻ جي جاچ آءِ سي سي جو اخلاقيات بابت آفيسر ڪندو پر کيس عالمي ماهرن جي مدد پڻ حاصل هوندي. اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب اجلاس ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ملتوي ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ هو ان جي مالي اثرن بابت به غور ٿيڻو هو. جڏهن ته موجوده چيئرمين ششانڪ منوهر ٽيهر چيئرمين جي چونڊ وڙهڻ کان انڪار ڪيو آهي. 10 جون تي ٿيندڙ اجلاس ۾ چيئرمين جي چونڊ جي طريقڪار تي به قطعي فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ سي سي جو چوڻ آهي منوهر سان جاچ جي معاملي تي ڳالهيون ٿيون آهن.

Bookmark the permalink.