تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

ذهني پريشاني جي ڪري ڪيترائي ڀيرا آپگهات جو سوچيو هيم: روبن اٿاپا جو انڪشاف

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر روبن اٿاپا انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڊپريشن سبب ڪيترائي ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جو سوچيو. روبن اٿاپا چيو ته 2006 ۾ ڊيبيو کانپوءِ مون ڪافي ڪجهه سکيو پر منهنجي زندگي ۾ 2009 کان 2011 جا ٽي سال تمام گهڻو ڏکيا هئا، ان دوران آئون ڊپريشن جو شڪار ٿيس ۽ روزانو منهنجي دل ۾ خودڪشي جي سوچ پيدا ٿيندي هئي، منهنجي دل چوندي هئي ته مان بالڪوني مان بل ڏئي ڇڏيان.روبن اٿاپا وڌيڪ چيو ته مون پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ان لاءِ ٻاهر کان مدد ورتي ۽ پوءِ مون پاڻ کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ شروع ڪيم.

Bookmark the permalink.