تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ديهات ۾ پورهيت طبقو عيد جي خريداريءَ کان محروم، واهر جي اپيل

ديهات (ن پ ا) سڄي ملڪ جيان ديهات ۾ به عيد ويجهو اچڻ سان غريب طبقو پريشان حال آهي، ديهات شھر ۽ ان جي آس پاس جو غريب مزدور طبقو عيد جي ويجهو اچڻ سبب پريشاني ۾ مبتلا آهي، ڇاڪاڻ ته لاڪ ڊائون سبب روزگار مڪمل بند رهيو ۽ مزدور ماڻھو گهرن تائين محدود رهيا، ديهات شھر جو غريب طبقو سادگيءَ سان عيد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. سرنديءَ وارن توڙي حد جي چونڊيل نمائندن غريب طبقي جي سار نه لڌي، ديهات جي سڄاڻ ڌرين چيو ته هن وقت جيڪا صورتحال هلي پئي هن ڏکئي وقت ۾ حد جي چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ديهات جي غريب عوام سان سٺو رويو رکن ۽ مئٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن، حد جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي، ايم اين اي توڙي چيئرمين ۽ سرنديءَ وارن کي گهرجي ته هن ڏکئي وقت ۾ غريب ماروئڙن جو خيال ڪريو هنن غريب مسڪينن جي سار سنڀال لهو.

Bookmark the permalink.