تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

دريا خان مري ۾ عيد ويجهو ايندي ئي چورين جو آزار، پوليس خاموش

دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري ۾ عيد ويجھو ايندي ئي چور ٻرن مان ٻاھر نڪري آيا، چورين جو آزار وڌي ويو . دريا خان مري وارڊ نمبر 3 جي رھواسي استاد عبدالرحمان ملڪ جي گھر ٻاھران بيٺل سي ڊي ماڊل 2016 موٽر سائيڪل نامعلوم چاٻي چور چوري ڪري فرار ٿي ويا دريا خان مري ٿاڻي تي موٽر سائيڪل چوري جي اين سي داخل جڏھن ته ڪجهه ڏينھن اڳ نامعلوم ڦورو باءِ پاس وٽان دريا خان مري واسي فھيم خاصخيلي کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ھيا پوليس چورن آڏو بيوس بڻيل آهي.

Bookmark the permalink.