تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

دانش ڪنيريا ٽيسٽ ڪرڪيٽ بدران فرنچائز ليگ بحال ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي: (اسپورٽس نيوز)اڳوڻي قومي ليگ اسپنر دانش ڪنيريا چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب هن وقت ڪرڪيٽ جون سرگرميون معطل آهن پر اهو سلسلو بحال ٿيڻ گهرجي ۽ شروعاتي مرحلي ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي بجاءِ فرنچائز ۽ ليگز وڌيڪ بهتر رهنديون.ميڊيا رپورٽ موجب دانش ڪنيريا چيو آهي ته ٽيسٽ ميچ پنج ڏينهن جو هوندو آهي جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ 2 ٽي ٽوئنٽي به ڪرائي سگهجن ٿا. مقابلن جي شروعات ۾ رانديگرن، آفيشلز، ڪمنٽيٽرن جي صحت، براڊ ڪاسٽنگ ۽ روينيو جي معاملن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.هن چيو ته نسيم شاهه باصلاحيت بالر آهي پر ان جو ڪيريئر اڃان شروع ناهي ٿيو. جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي هر ڪنڊيشن ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ سميت ٽنهي فارميٽن ۾ پاڻ کي بهتر ثابت ڪري چڪو آهي. ان جو قد به بالنگ ۾ ڪافي مدد ڏيندو آهي ان جو مستقبل روشن آهي.دانش ڪنيريا موجب محمد حسنين ٽي ٽوئنٽي ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي پر سندس ڪارڪردگي بهتر ناهي. محمد حسنين ۽ نسيم شاهه مسلسل انجريز کي منهن ڏنو آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي ان ڪري کيس ڪيريئر کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو.

Bookmark the permalink.